دسمبر 2, 2024


 
 
حيدرآباد عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، لال جروار، نور احمد ڪاتيار ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌو درياهه سنڌ جي وجود جو ضامن آهي. سنڌ درياهه تي ڊيم ۽ ڪينال ٺاهي سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو. سنڌ جي سخت احتجاج جي باوجود وفاق طرفان چولستان ڪينال لاءِ اقتصادي ڪائونسل مان منظور وٺڻ ۽ ان لاءِ فنڊ مقرر ڪرڻ سنڌ سان سراسر ظلم آهي. پنجاب جا حڪمران سنڌ کي پنهنجو فتح ڪيل علائقو سمجهن ٿا. سنڌ سان دشمني پاڪستان جي سالميت سان دشمني آهي. پنجاب جي حڪمرانن 71ع ۾ جهڙو بنگالين سان سلوڪ ڪيو اهو سلوڪ سنڌ سان ڪري رهيا آهن. سنڌ جا ماڻهو پنجابستان جي حڪمرانن جي ڦر لٽ ۽ غلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. سنڌ جا حڪمران ڪرسي خاطر سنڌ درياهه جو سودو پيا ڪن. وفاق جي سينا زوري تي سنڌ جي حڪمرانن مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي. سنڌ درياهه تي وفاق زبردستي ڌاڙا هڻي رهيو آهي، پر سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سي سي آئي جي اجلاس گهرائڻ لاءِ اکر به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته جيڪي حڪمران سنڌو درياهه جو بچاءُ نٿا ڪري سگهن اهي فوري طور تي استعيفائون ڏيئي گهر ڀيڙا ٿين. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجو درياهه بچائڻ لاءِ پُرامن جمهوري جدوجهد جي ميدان ۾ اچن.
 
 

 

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے