دسمبر 2, 2024

ڪراچي

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ آئيني ترميمن تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي تھ 26ھين آئيني ترميمن لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪرڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پيٽا پيش ڪريان ٿو، 26ھين آئيني ترميمن جو مقصد قوم کي متحد ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ آھي ۽ سڀني سياسي پارٽين کي اُن جي پويان متحد ٿيڻ گھرجي.
ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ اڃا بھ وقت آھي تھ پي تي آءِ تقسيم جي سياست کي پاسيرو رکي قوم جي ڀلائي لاءِ آئيني ترميمن جي حمايت جو اعلان ڪري.
ھن چيو تھ ميثاق جمھوريت ۾ صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ٿيو ھو، ميثاق جمھوريت تحت آئيني ترميمون صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ ۽ جمھوري ادارن کي بااختيار بڻائڻ ڏانھن اھم ۽ ھاڪاري قدم آھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عدليھ ۽ قانون ساز مجلس ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ آئيني عدالت جو تصور سڀني کان پھرين قائد اعظم محمد علي جناح ڏنو ھو.
سوشل ميڊيا تي پنھنجي بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھي شھيد بي بي جي ڪوشش ھُئي جنھن جي ڪري ميثاق جمھوريت م آئيني عدالتون شامل ٿيون ۽ ھاڻي سمورين پارٽين جي اتفاق راءِ سان ھي عدالتون قائم ٿي رھيون آھن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے