نجمي عالم پاران سنڌ جي مهاڻن ۾ آئس باڪس ورهائڻ جو اعلان
ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير جو لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم ڇنڇر ڏينهن هاڪس بي ڪراچي ۾ سومار ڳوٺ جي ماهيگيرن ۾ آئس باڪس ورهائيندو جنهن جو مقصد مهاڻن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري کين روزگار ۾ اضافو آڻڻ آهي. سيد نجمي عالم جو چوڻ آهي ته اسان جو ڌيان مهاڻن ، مڇيءَ جي پيداوار ۽ ان سان لاڳاپيل سرگرمين تي آهي جنهن ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي، مارڪيٽنگ، برآمدات ۽ ادارتي انتظام شامل آهن. هن رضاڪارن کي گذارش ڪئي ته هو اسان جي پروجيڪٽ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ سهڪار ڪن ته جيئن اسان جا ماهيگير، مڇي فارمرز فائدو حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجون زندگيون بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪن. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار سان گڏ فشريز کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.