دسمبر 2, 2024

سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي ڪارو ڪاري متعلق انگن اکرن تي متعلق سالياني رپورٽ 2023 تا 2024 جنوري کان ڊسمبر تائين
جنهن ۾ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ،ايڊوڪيٽ سهيل ميمڻ ،ايڊوڪيٽ ابراهيم لطيف ,علي پلھ ،شيرين اسد ،مهناز رحمان ،انيتا پنجواڻي ،غزالا پاسٽر ،فهميدا رياض ،نجمه مهيشوري ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ شرڪت ڪئي

سنڌ سهائي آرگنائيزيشن سال جي انگ اکرن ۾ ڄاڻايو آهي ته هڪ سال ۾ 165 عورتون ءِ 65 مرد ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ قتل ٿيا
مڪمل سال 2023 جي انگن اکرن مطابق ٽوٽل 230 قتل ٿيا هي رجسٽرڊ ڪيس آهن نامعلوم الائي ڪيترا ڪيس هوندا جيڪي رپورٽ ئي نه پيا ٿين

  • جيڪب آباد ضلعو سري فهرست آهي جتي 22 عورتون 12مردن سميت ٽوٽل 34 ڪاو ڪاري جا قتل ٿيا
  • ڪشمور ضلعو ٻئين نمبر تي آهي جنهن ۾ 17 عورتون ءِ 6 مردن سميت ٽوٽل 23 ڪارو ڪاري جا قتل ٿيا

*شڪارپور ۾ 17 عورتون ءِ 6 مردن سميت ٽوٽل 23 ڪارو ڪاري جا قتل

  • سکر 23 ، خيرپور 20، گهوٽڪي 19 ،لاڙڪاڻو 12، سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 76 ڪارو ڪاري جا قتل ٿيا
  • ٽوٽل ملائي 165 عورتون ،65 مردن سميت 230 رجسٽرڊ ڪاروڪاري جا قتل ٿيا
  • 2024 جي ڇھن مهينن جي رپورٽ جنوري 1 تا جون 30 تائين جي رپورٽ انهن ڇھن مهينن ۾ 101 عورتون ءِ مرد ڪارو ڪاري الزام هيٺ قتل ٿيا جنهن ۾ 80 عورتون ءِ 21 مرد شامل آهن ٽوٽل ملائي 101 ڪارو ڪاري جا قتل ٿيا
  • انهن ڇھن مهينن ۾ به جيڪب آباد سري فهرست آهي جتي 13 عورتن سميت 10 مرد قتل ٿيا ٽوٽل قتل 23 ٿيا
    *ان کان پوءِ گهوٽڪي جتي 17 قتل ٿيا ،ڪشمور جتي 11 قتل ٿيا ،سکر جتي 10 قتل ٿيا ،لاڙڪاڻو 4،خيرپور 4،شڪارپور 5،ٻيا ضلعا 27 ٽوٽل 101 ڪارو ڪاري الزام هيٺ قتل ٿيا جنهن ۾ 80 عورتون ءِ 21 مرد شامل آهن

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے