دسمبر 2, 2024

خيرپور ڳاڙهي موري جي رهواسي بيوهه عورٽن جو خيرپور ۾ پريالوءِ ٿاڻي جي ٿاڻيدار خلاف احتجاج، بنان جواز ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ پريشان ڪرڻ جا الزام، تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق تعلقو ڪنگري جي ڳوٺ ڳاڙهي موري جي رهواسڻ بيوهه مسمات ساجده پروين زال اصغر علي گهانگهرو ۽ مسمات عابده زال سڌير احمد گهانگهرو خيرپور ۾ صحافين آڏو پريالوءِ ٿاڻي جي ٿاڻيدار محمد صادق عباسي ۽ سندس عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته بنان جواز جي ٿاڻيدار محمد صادق عباسي اسان جي ڀائرن، پٽن، ڀاڻيجن ۽ ڀائٽين کي گرفتار ڪري رشوت گهري رهيو آهي ۽ رشوت نه ملڻ سبب انهن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري پريشان ڪري رهيو آهي. هنن آءِ جي پوليس سنڌ ڪراچي، ڊي آءِ جي پوليس سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او پريالوءِ محمد صادق عباسي خلاف انڪوائري ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے