دسمبر 2, 2024

ڊويزنل اوور سائيٽ ڪميٽي ضلعي خيرپور جي 66 ايم اينڊ آر (بحالي ۽ مرمت ) اسڪيمن جي منظوري ڏئي ڇڏي,

منظوري ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڏني وئي

مرمت جي 66 اسڪيمن جي لا 386.242 ملين روپيا مختص ڪيا ويا : ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ ڊويزنل اوور سائيٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو. ڊويزنل اوور سائيٽ ڪميٽي پاران سال 2024-25 لا ضلعي خيرپور جي 66 ايم اينڊ آر (بحالي ۽ مرمت ) اسڪيمن جي منظوري ڏني وئي, خيرپور جي 66 اسڪيمن جي ڪل بجيٽ لاء 386.242 ملين روپيا مختص ٿيل آھي. ڊويزنل اوور سائيٽ ڪميٽي پاران پراونشل ها ويز ڊويزن خيرپور جي سال 25-2024 لا بحالي ۽ مرمت جي 13 اسڪيمن لا مختص ڪيل 229.295 ملين روپين جي منظوري جڏهن ته ڪميٽي پاران پراونشل بلڊنگس سب ڊويزن خيرپور جي 12 اسڪيمن جي لاء 47.078 ملين روپيا, هاويز ڊويزن خيرپور جي 25 اسڪيمن جا 98.274 ملين روپيا ۽ بلڊنگس ڊويزن خيرپور جي بحالي ۽ مرمت جي اسڪيمن لاء 11.595 ملين رپين جي پڻ منظوري ڏني. ان موقعي تي ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي چيو ته فنڊز وقت تي استعمال ڪيا وڃن ڪم جي معيار تي ڪنهن به قسم جي ڪوتائي برداشت نه ڪبي ۽ ايم اينڊ آر اسڪيمن جو معياري ڪم نظر اچڻ گهرجي. هن چيو ته 25 ڊسمبر تي ڪوٽڏجي کان سکر تائين ميراٿن ريس منعقد ڪئي پئي وڃي ،ان کان پهريان روڊن جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي, هن چيو ته ڪوٽڏجي کان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي تائين روڊ جو ڪم مڪمل ڪرڻ جي ذميواري اين ايڇ اي کنئي آهي. ھن هاويز جي انجنيئرن کي هدايت ڏيندي چيو ته يونيورسٽي کان خيرپور شهر تائين روڊ جي مرمت جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڊي سي خيرپور سيد احمد فواد شاهه, ايڪسيئن بلڊنگس خيرپور رياض حسين, ايڪسيئن پراونشنل ها ويز خيرپور سرمد علي شاهه, ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر خيرپور ظهير احمد, ايڪسيئن ها ويز خيرپور وقاص بلوچ, ايڪسيئن پي اينڊ ڊي نصير احمد سميت ٻين لاڲاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.


جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے