دسمبر 2, 2024


دادو عوامي تحريڪ ضلعي دادو جو ڪنوينشن ۽ سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو ڪانفرنس ٿي گذري. ڪنوينشن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماھ نور ملاح جي نگراني ۾ عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي نئين باڊي چونڊي وئي. عوامي تحريڪ ضلعي دادو جو صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر ۽ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو چونڊيا ويا. ان موقعي تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي جي سهڪار سان سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪري رهي آهي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين نيلام ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم غير آئيني آهي. ارسا ايڪٽ ترميم وسيلي ملڪي آئين کي لتاڙيو ويو آهي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته ڪاڇي سميت ضلعي دادو جي هزارين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن لاءِ کسي پئي وڃي. دادو ضلعي جو عوام پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهي جڏهن ته پنجاب جون لکين ايڪڙ غير آباد زمينون آباد ڪيون پيون وڃن. پيپلز پارٽي جي حڪمرانن ڪرپشن وسيلي سنڌ جي سمورن ضلعن کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي. دادو ضلعو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر پيپلز پارٽي سرڪار جي ڪرپشن سبب دادو تباهي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. گورک هل اسٽيشن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. گورک هل اسٽيشن ڪرپشن ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا ملوث آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو آهي ته سال 2022ع جي ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل دادو ضلعي جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي زمينون ڌارين کي ڏيڻ بدران مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن.
عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي ضلعي چونڊ ۾ ضلعي صدر ايڊوڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، نائب صدر لال بروهي، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري راشد علي ڀرڳڙي، ماليات سيڪريٽري گلزار علي چانڊيو، ميڊيا سيڪريٽري غلام شبير کوسو، آفيس سيڪريٽري محمد عرس بروهي، ليگل سيڪريٽري منصور احمد چانڊيو، ثقافتي سيڪريٽري منظور علي کوسو چونڊيا ويا. ميمبرن ۾ عاطف ملاح، عبدالرسول کوھارو، ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، محمد جمن کوسو، شير محمد گاڏهي، ڪرم رستماڻي ۽ ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو چونڊيا ويا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے