دسمبر 2, 2024

"اها وڏي بدقسمتي آهي ته ڪراچي ۾ ڏينهن ڏٺي جو هڪ عورت کي اغوا ڪيو ويو آھي، ۽ ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود هوءَ اڃان تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي.” – آصف حسين سمون، صدر، سميوٽا.

"گھر وارا سخت پريشان آهن، ۽ بار بار شڪايتن ۽ ايف آءِ آر درج ڪرڻ باوجود اڃا تائين پوليس کان انصاف جا منتظر آهن.” – قرت العين نذير احمد، نائب صدر، سميوٽا

سنڌ مدرستہ الاسلام يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيشن (سميوٽا) پاران مس وردہ جاويد جي اغوا جي سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا ايس ايم آءِ يو جي معزز فيڪلٽي ميمبر مس ثمرين جاويد جي ڀيڻ آهي. مس وردہ کي 30 سيپٽمبر 2024ع تي ماڙي پور پوليس اسٽيشن، ضلعي ڪياماڙي، ڪراچي جي حدن مان اغوا ڪيو ويو هو. گھر وارن فوري طور پوليس سان رابطو ڪيو ۽ پهرين اطلاعي رپورٽ (ايف آءِ آر) داخل ڪئي. پر معاملي جي سنگيني ۽ ھڪ ھفتي کان وڌيڪ گذرڻ باوجود، اختيارين پاران ڪا خاطرخواه اڳڀرائي نظر نٿي اچي.

سميوٽا قيادت پنھنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ عورتون شڪايتن جي باوجود بغير خوف اغوا ٿي سگهن ٿيون ته ان سان شهر جي سڀني عورتن جي حفاظت بابت سنگين خدشا پيدا ٿين ٿا.

سميوٽا جي نائب صدر مس قرت العين نذير احمد سختيءَ سان بيان ڏنو آهي ته گھر وارا انصاف، وردہ جي فوري بازيابي، ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي جا منتظر آهن.

سميوٽا پاران انسپيڪٽر جنرل پوليس ۽ سرڪاري اختيارين تي زور ڏئي ويو آھي ته هو هن معاملي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، وردہ جي فوري بازيابي کي يقيني بڻائين، ۽ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻين.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے