دسمبر 1, 2024

ٺٽي جي مذھبي جماعتن عمرڪوٽ معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي واضع ڪيو آھي ته انسان کي باھ ڏيئي ساڙڻ اُن جي تذليل آھي جنهن جي اسان پاڻ به مذمت ڪريون ٿا پر ان معاملي ۾ غير جانبدار تحقيقات ڪرائي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي لاش جي تذليل ڪرڻ واري معاملي ۾ ملوث اصل ڪردارن کي وائکو ڪري گرفتار ڪيو وڃي ۽ مذھبي عالمن ۽ اڳواڻن خلاف بنا ثبوتن جي ڪارروايون بند ڪيون وڃن
جماعت اهلسنت ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن مولوي محمد شاڪر صديقي حاجي وسيم ميمڻ پير رفيع الدين سرهندي مولوي ايوب جوکيو مولوي غلام مصطفيٰ شورو مولوي زبير احمد پنهور ايڊووڪيٽ اعجاز احمد جاکرو رسول بخش عطاري ۽ ياسين بروهي جي اڳواڻي ۾ اڳواڻن نيشنل پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته، شرپسندي ڪھڙي به حوالي سان قبول ناهي عمرڪوٽ ۾ پيش آيل گستاخانه واقعي کانپوء مذھبي ڌرين پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو جيڪو سندن قانوني توڙي مذھبي حوالي سان سندن حق هو ۽ نبي پاڪ صه جي گستاخي جو ڪيس ڊاڪٽر شاهنواز خلاف داخل ڪرائڻ کانپوء اهلسنت جا عالم ۽ مذھبي اڳواڻ خاموش ٿي ويا
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار کي پوليس تحويل ۾ قتل ڪيو ويو ۽ سندس لاش جي شرپسندن پاران بيحرمتي ڪري ان کي ساڙيو ويو پر ان جو الزام سڌيءَ ريت اهلسنت جي عالمن مٿان لڳائڻ سراسر ناانصافي ۽ غلط عمل آھي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي: مذھبي اڳواڻ
مذھبي اڳواڻ چيو ته پير عمر جان سرهندي سميت سمورن مذھبي عالمن خلاف ڪارروايون ڪرڻ بدران واقعي جي اڻ ڌري ۽ عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن جو تعين ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي باقي مذھبي اڳواڻن خلاف بهتان بازي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي
مذھبي اڳواڻن جي گرفتارين جي مذمت ڪندي کين آزاد ڪرائڻ ۽ واقعي جي صاف ۽ شفاف نموني جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي مذھبي اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ ۾ عالم مشائخ توڙي ديني اسڪالر هميشه ملڪي قانون ۽ اسلامي طرزِ ڀائيچاري کي عام ڪري محبت ۽ اخوت جو پيغام ڏنو آھي جيڪو اصل اسلام جو ئي پيغام آھي پر ڪجھ شرپسند عناصرن پاران عالم سڳورن خلاف مهم هلائي پئي وڃي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو هنن معاملي جي عدالتي تحقيقات ڪرائڻ ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جو سمورو موبائيل رڪارڊ سائبر ڪرائيم قانون تحت جاچ ڪرائي سندس گستاخانه عمل بابت سندس سرگرمين کي منظرعام تي آڻڻ جو مطالبو ڪيو

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے