ميھڙ،قاضي عارف ۽ ڀر پاسي جي بٺن مالڪن سرن جا ھٿرادو ريٽ مقرر ڪري پورھيتن جي چيلھ ڀڃي وڌي.
بٺامالڪن 6کان 7ھزار واريون سرون 15ھزار روپيا في ھزار سر جوريٽ مقرر ڪري ڇڏيو مسڪين ماڻهو سرون خريدڻ کان لاچار بڻيل،
سرن جو ھٿرادو ريٽ وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سرن جو ريٽ گھٽائڻ جو مطالبو.
فريدآباد ۽ ڀرپاسي جي پورھيتن صفدر چانڊيو، امجد، اختيار، مدد علي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميھڙ، قاضي عارف ۽ڀرپاسي جي بٺامالڪن پنهنجي من ماني ڪندي 5کان کان 6 ھزار ۾ ملندڙ 1000سرون جو ريٽ وڌائي 15000 روپيه في ھزار سرون جو ريٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي
ھنن چيو ته بٺا مالڪن جو في 1000 سر پچائڻ تي 4000 ھزار به خرچو ناهي ان باوجود انھن 15000 ھزار سرن جو ريٽ مقرر ڪري اسان غريبن کي گهر ٺھرائن تان ارواح ئي کڻائي ڇڏيو آهي ھنن اعلي اختيارين ايڊيشنل سيشن جج دادو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بٺا مالڪن جي من ماني جو نوٽيس وٺي سرن جو ريٽ گهٽائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.