دسمبر 1, 2024

ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ ۾ 450 ملين ڊالرز جون مختلف ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون وينديون، ترقي ۽ رٿابندي واري وزير ناصر شاهه جو اجلاس کي خطاب.

ڪراچي سنڌ جي ترقي ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عالمي بئنڪ جي سهڪار سان سڄي سنڌ ۾ مختلف نيون ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون وينديون هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين پي اين ڊي نجم احمد شاهه کان علاوه ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا، ان موقعي تي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ورلڊ بينڪ کي سنڌ صوبي ۾ نئين ترقياتي اسڪيمن لاءِ 450 ملين ڊالر ڏيڻا هئا، پر رڳو 200 ملين ڊالر ڏنا ويا آهن. ترقي رٿابندي واري صوبائي وزير ان موقعي تي چيو ته ترقياتي اسڪيمن کي شروع ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، جڏهن ته باقي رقم لاءِ هو ورلڊ بينڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪندا ۽ اميد آهي ته هو جلد کان جلد باقي فنڊ جاري ڪندا، ڇاڪاڻ ته ورلڊ بئنڪ سنڌ ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت جي قدمن جي به واکاڻ ڪئي آهي. ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان آبپاشي، پاڻي، 1122 ريسڪيو ۽ روڊن جون نيون ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون وينديون، ناصر شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سانخاص دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ چاهي ٿو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان اسڪيمون جلد کان جلد شروع ڪيون وڃن ۽ ان سلسلي ۾ تڪڙا قدم کنيا وڃن.

یہ

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے