ڪوٽڏجي کان سکر تائين پھرين اوپن ميراٿن 2024 منعقد ڪرڻ جو اعلان
ميراٿن ڪوٽڏجي کان سکر تائين 25 ڊسمبر تي منقعد ڪئي ويندي، ڊي آئي جي پوليس سکر پير محمد شاھ جي ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي سان گڏ ميڊيا بريفنگ
سکر ڪوٽڏجي کان سکر تائين پھرين اوپن ميراٿن 2024 منعقد ڪرڻ جو اعلان، ميراٿن ڪوٽڏجي کان سکر تائين 25 ڊسمبر تي منقعد ڪئي ويندي، ڊي آئي جي پوليس سکر پير محمد شاھ جي ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي سان ميراٿن ريس جي تيارين بابت ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس ھال ۾ منعقد ڪيل اجلاس کان پوء ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو تہ سکر ڊويزن ۾ سماجي ھم آھنگي، تندرست طرز زندگي کي ھٿي وٺرائڻ، ريجن جي ثقافتي ورثي ۽ قدرتي خوبصورتي کي شوڪيس ڪرڻ لاء منفرد نوعيت واري اوپن ميراٿن منقعد ڪئي پئي وڃي، اميد آھي تہ سکر جي تاريخ ۾ ھي ايونٽ پنھنجي نوعيت جو منفرد ايونٽ ثابت ٿيندو. ڊي آئي جي پوليس پير محمد شاھ چيو تہ پھرين اوپن ميراٿن 25 ڊسمبر تي منعقد ڪئي ويندي، جيڪا صبح 8 وڳي ڪوٽڏجي کان شروع ٿيندي ۽ سکر تي پڄاڻي تي پھچندي. ڊي آء جي سکر پير محمد شاھ وڌيڪ ٻڌايو تہ ضلعي انتظاميا ۽ آئي بي اي پبلڪ اسڪول سکر ۽ سماجي تنظيم لوڪ سھائتا جي سھڪار سان ميراٿن منقعد ڪئي پئي وڃي، ھن چيو تہ ميراٿن سان سکر ريجن جي تاريخي ورثي کي بہ اجاگر ڪيو ويندو، جڏهن تہ اميد جي ڊوڙ نالي ھيٺ اوپن ميراٿن 42.195 ڪلوميٽر مفاصلي تي مشتمل آهي. ڊي آء جي سکر ٻڌايو تہ ميراٿن ۾ سوڀ ماڻيندڙن کي 10 هزار کان 10 لک رپين تائين انعام ڏنا ويندا، جڏھن تہ ميراٿن سميت ملاکڙي جا مقابلا ۽ رات جو لائيو ميوزيڪل ڪانسرٽ به منقعد ٿيندا، ھن چيو تہ ميراٿن ۾ حصو وٺندڙن جي آن لائن رجسٽريشن شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ دلچسپي رکندڙ www.loksahiata.org تي پاڻ کي فري آن لائين رجسٽر ڪرائي سگھن ٿا، رجسٽريشن جي آخري تاريخ پھرين ڊسمبر رکي وئي آهي. ڊي آء جي پير محمد شاھ وڌيڪ چيو تہ انٽرنيشنل ميراٿن آهي سڀني لاء اوپن آهي پوري پاڪستان ۽ ٻاھرين ملڪن جي ايٿليٽس مان ڪوبه ميراٿن ميراٿن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو، حصو وٺندڙ ڏورانهن علائقن جي نوجوانن کي رھائش، طعام ۽ ٻيون سھولتون پڻ ڏنيون وينديون، ھن چيو ته اسين پر اميد آھيون ته سکر مان به ميراٿن ۾ ريڪارڊ قائم ڪري نوجوا پنھنجو نالو ۽ شھر جو نالو روشن ڪري سگھندا. ھن چيو تہ ميراٿن کان پوء اھڙي ريس عورتن لاء به منقعد ڪئي ويندي، جنھن جو مفاصلو 10 ڪلو ميٽر ھوندو. ھن چيو ته ميراٿن جو اعلان ٽي مھينا اڳ ۾ ان لاء ڪيو آھي تہ نوجوان بھتر طريقي سان تياري ڪري مقابلي ۾ شريڪ ٿي سگھن. ڊي آئي جي پوليس پير محمد شاھ چيو ته ميڊيا کي گذارش آهي ته ان ايونٽ جي تشھير لاء ڀرپور ڪردار ادا ڪن.
انھيءَ موقعي تي ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي چيو تہ ھي ايونٽ جو ڪريڊٽ ڊي آئي جي پوليس سکر پير محمد شاھ ڏانھن وڃي ٿو،ان جو آئيڊيو آهي ڪوشش آهي ڪو اھڙو ٻار يا نوجوان ملي پوي جيڪو سرپرائيز ڏئي وڃي ۽ پوري ڪوشش آهي ته اسپورٽس جا اھڙا وڏا ايونٽ منقعد ڪرايون. ڪمشنر سکر چيو تہ تعليم جي حوالي سان پڻ اھڙي نموني جا ايونٽ منقعد ڪرايا ويندا، ڪمشنر سکر چيو تہ نوجوانن ۾ راندين کي ھٿي وٺرائڻ سان سندن ڪردار سازي پڻ ٿئي ٿي. لوڪ سھائتا جي روح روان آغا ھارون چيو تہ سندن تنظيم مختلف سماجي ڪم ڪري رھي آھي ، اسان سوچيو ته سکر جي نوجوانن کي راندين جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو فراھم ڪيون ڇو ته ھتي جي نوجوانن کي اھڙا گھٽ موقعا ملن ٿا، ان لا ميراٿن منقعد ڪئي پئي وڃي، انھيءَ موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد فواد شاھ، نامور اٿليٽ تاج محمد مھر، محمد وسيم ، سليم , سکر چيمبرس آف ڪامرس جا نمائندا ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
**