دسمبر 1, 2024

ڪراچي

سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) ۽ آواري هوٽلز جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت نامي تي صحيحون ٿيون آهن، جن تحت اسٽيوٽا جي شاگردن کي هوٽل مئنيجمينٽ ۽ هاسپيٽالٽي جي عملي تربيت فراهم ڪئي ويندي. معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب اسٽيؤٽا هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. اسٽيؤٽا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر منور علي مٺاڻي ۽ آواري ۽ بيچ لگجري هوٽلز انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽر مسٽر دنشا بي آواري ايم او يو تي صحيحون ڪيون. مسٽر بيرام آواري ۽ اسٽيؤٽا جي ايڊشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيدا لبنيٰ رضوي معاهدي تي صحيحن جا شاهد هئا. ان موقعي تي اسٽيؤٽا جا لاڳاپيل آفيسر پڻ شريڪ هئا. ايم او يو جي شرطن مطابق، ٻئي ڌريون هاسپيٽالٽي ۽ هوٽل مئنيجمينٽ شعبي ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ڪورسز جو چونڊ ڪن ٿيون، جيڪي ٻنهي ڌرين جي گڏيل رضامندي سان منعقد ڪيا ويندا. آواري هوٽلز چونڊيل ڪورسز ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن کي عملي تربيت فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. اسٽيؤٽا چونڊيل ڪورسز ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن کي ڪلاس روم ٿيوري پڙهائيندو. تنهن هوندي، آواري هوٽلز هاسپيٽالٽي ۽ هوٽل مئنيجمينٽ شعبي ۾ نصاب جي تشڪيل ۽ نظرثاني لاءِ مدد فراهم ڪندو. ايم ڊي منور علي مٺاڻي ٻڌايو ته آواري هوٽل اسٽيؤٽا جي شاگردن/گريجوئيٽس کي ڊگهي مدي ۽ مختصر مدي واري انٽرنشپ فراهم ڪرڻ ۾ به مدد ڪندو، جنهن لاءِ انٽرنشپ جي مدي جو فيصلو ٻنهي ڌرين جي رضامندي سان ڪيو ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آواري هوٽلز ٻنهي ڌرين جي رضامندي سان چونڊيل سرڪاري ادارن جي هيٺين سطح جي عملي کي هاسپيٽالٽي شعبي ۾ ڪيپيسيٽي بلڊنگ لاءِ پڻ سهڪار فراهم ڪندو. ٻنهي ڌرين صوبي جي نوجوانن کي جاب مارڪيٽ ۾ ضروري مهارتن سان ڀرپور بڻائڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو، جيڪا نوجوانن جي اسڪل ڊولپمينٽ اسٽيؤٽا جو بنيادي مقصد پڻ آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے