دسمبر 2, 2024

امر سندھو

ڪالھہ حيدرآباد جي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ ئي طئي ٿيو عمرڪوٽ ھلي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي خاندان سان تعزيت ڪري يڪجھتي ۾ گڏ بيھبو. ڊاڪٽر شانھواز جي قاتلن کي عدالتي ڪٽھڙي ۾ آڻي کين ڪيفر ڪردار تائين پھچائبو.
اھا اطلاع سوشل ميڊيا تي بہ رکي سين پر حيدرآباد مان مون سميت پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، امداد چانڊيو ، ڊاڪٽر حسين مسرت، ڊاڪٽر حميد سومرو، ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي، ڊاڪٽر بختاور ڄام، ماروي آعواڻ، فھميدہ جروار، ارڏو اترادي، ٽنڊي ڄام مان عظمت ابڙو، ميرپورخاص مان واجد لغاري پڻ قافلي م.شريڪ ٿيا. جڏھن تہ جان محمد سومرو پڻ ھڪ علحيدہ گاڏي ۾ گڏيو ھليو..
اتي پھچڻ شرط عمرڪوٽ جي گلن واري بازار مان گلن جي چادر ڊاڪٽر شاھنواز جي مدفن تي چاڙھڻ لاء پڻ ورتي سين.
اتي ڳوٺ پھچڻ تي ڊاڪٽر شانواز جي والد ريٽائرڊ سڪول ٽيبر محمد صالح ڪنڀر سان تعزيت ڪري فاتحہ پڙھي سين ۽ ڪجھہ حال احوال ورتو سين.
جيءووالد پنھنجي پٽ کي تحفظ لاء پوليس حوالي ڪري سک سان ستو ھجي ان کي اوچتو چيو وڃي تہ سندس پٽ مقابلي(جعلي) ۾ ماريو ويو اھي تہ مٿس ڇا گذري ھوندي. محمد صالح ان درد ۽ اضطراب جي تصوير بڻيل ھو ھن مسڪين سان تہ اھا بہ جٺ ٿي تہ پھرين کيس ميرپورخاص گھرائي لاش بہ ڏيکاريو ويو پر لاش سندس حوالي ڪرڻ بجائي پوليس بعد ۾ ( جيستائين پوليس مشتعل ھجوم جو بندوبست ڪري سگھي) ھجوم جي وچ ۾ تدفين ڪرڻ بجائي اتي ئي ڇڏي ھلي ويئي..مائٽ ان لاش جي تدفين لاء اٺن ڪلاڪن تائين ھڪ جائي کان ٻي جائي تي رليا ء ائين پٽ تہ کسجي چڪو ھو
پر ھاڻي ان جي لاش بہ کسجي ويئي.
ھي پوڙھو پي اھو سڀ اکين ڏسندو رھيو
ڏسندو رھيو…


لاش کي ساڙيو ويو ۽ پو کيس دفن ڪيو ويو…
پيء ڪيئن پٽ جي بيجان بت کي ھٿ لاھي ڏٺو ھوندو پر ھن جو چوڻ ھو تہ کيس ٽي گوليون آرپار لڳل ھيون. شديد صدمي جي شڪار پي بار بار پي چيو تہ اڃان بہ ھو سمجھڻ کان قاصر اھي تہ ساڻس ڪھڙو قھر ٿي ويو آھي.


چيائين تہ منھنجو دماغ ڪم نٿو ڪري.
پڇوسين تہ جيڪا سنڌ حڪومت تفتيش لاء پوليس ٽيم ان مان مطمئن آھيو تہ ان تي چيائين تہ مان ڪنھن مان بہ مطمئن نہ آھيان…


وري چيائين تہ سندس مطالبو سنڌ حڪومت بجائي صرف اصفہ ۽ بلاول کان ھوندو ڇو تہ ٻنھي جي ماء ماري ويئي جيئن منھنجو پٽ ماريو ويو سو منھنجو ڏک صرف اھي ئي سمجھي سگھندا ..
۽ ائين ئي ھو سنڌ حڪومت جي تفتيشي ٽيم مان ڪنھن بہ اچي نہ قبر ڏٺي نہ،مائٽن کان ڪو بيان ورتو.. اھي انھن ئي افيسن ۾ ويھي تفتيش ڪندا جن آفيسن ۾ شاھنواز جي قتل جي سازش سٽي ويئي
اسان وفد ۾ پنج عورتون ھئاسين.
اسان انھن عورتن ڏانھن وياسين بس کين آٿٿ ڏيڻ اندن درد ونڊڻ….پر ان پاسي تہ درد جو جھان ھو
سندس ماء ، سندس پڦي جيڪا سندس سس بہ ٿئي سي پار ڪڍي پي رنيون.
ماء کي ڪونج قطارون پي ياد آيون تہ اھي بہ ولر سان گھمنديون آھن ..
ڪانون جو ٻچو مري تہ بہ پنجاہ ڪانون اچي مڙن…منھنجي پٽ لاء پنج ماڻھو بہ ڪونہ مڙيا جيڪي ھئا سي پيٽرول کڻي لاش ساڙڻ آيا ھئا. اسان پيرين اگھاڙي پوتيون سندن پيرن تي رکنديون ڊڪنديون رھيوسين
چيوسين تہ ماري تہ ڇڏيو اٿئو ھاڻي منھن تہ ڏسڻ ڏيو پر ظالمن منھن ڏسڻ بہ نہ ڏنو…
ماء چيو تہ اھڙو ظلم تہ ڪنھن سان بہ نہ ٿئي پر اسان تي ڪونہ ٻڌو تہ ڪو سئو سال اڳ بہ ھتي ڪنھن اھڙو ظلم بہ ڪيو ھوندو.
پڦي پي چيو تہ


عمرڪوٽ پوليس وارن چين حالتون خراب پيون ٿين ڇوڪرو حوالي ڪريو منھنجي ڀاء پٽ پوميس حوالي ڪندي سمجھيو تہ ھاڻ اسان جو ٻچو محفوظ آھي پر رات اھا رات بہ ڪونہ گذري تہ چين ڊاڪٽر ماري ڇڏين.
عورتن جو غصو عمرڪوٽ پوليس تي ھو جنھن مان ڪي اھلڪار سندن گھر بہ پي آيا
اھي پوليس اھلڪار ڪير آھن جيڪي چون ٿا تہ اسان جو دامن صاف آھي.
سندس وني سان بہ ملياسين …ھا سچ پچ تہ انھن کي ھمت ڏيارياسي. تہ ناصاف لاء روئبو ناھي بيھبو آھي.
پيرن تي بيٺل ھججو…
واپسي ۾ ميڊيا سامھون ھئي.
اسان جي وفد اھا ذميداري مون تي رکي تہ پوري وفد جو موقف ڏجي جيڪو نٽ شيل ۾ ھيٺ ڏجي ٿو.

  1. ڊاڪٽر شاھنواز ارڙھين گريڊ جو سول سرجن ھو جنھن تي مبينہ توھين جو الزام لڳائي کيس جعلي پوليس مقابلي م ماريو ويو، جنھن م ٻن ضلعن جي گڏيل پوليس ڪاروائي ھئي پر ھن وقت تائين سنڌ حڪومت صرف ڊي ائي جي ميرپورخاص ايس ايس پي ميرپورخاص کي تہ معطل ڪيو ويو اھي پر جيئن تہ اھو عمرڪوٽ پوليس جي تحويل ۾ ھو انڪري عمرڪوٽ پوليس يعني ايس ايس پي،متعلقہ ايس ايڇ او ۽ سي ائي عمرڪوٽ جي عملي کي برطرف ڇو نہ ڪيو ويو.
  2. ڊاڪٽر جي قتل م ملوث ٻنھي ضلعن جي پوليس تي قتل جي ايف ائي ار ڪري کين پوليس تحويل م وٺڻ کپي.
  3. عمرڪوٽ پوليس کي اڃان تائين معطل نہ ڪرڻ جو مطلب آھو اھہ تہ کين موقعو ڏنو پيو وڃي تہ خاندان کي ھيسائي، خوف ۾ رکي کائن دٻاء م پنھنجي مرضي جا بيان وٺي قتل جي مک ڪردارن کي بچائي سگھجي. ان ڪري رمرڪوٽ پوليس کي بنا دير معطل ڪرڻ کپي. جيئن ڏوھہ بابت ثابيتون مٽائڻ يا من پسند بيان حاصل ڪرڻ لا مائٽن کي ھيسائي نہ سگھن.
  4. عدالتي تفتيش کي گھڻ رخي انداز م ڏسڻ کپي جنھن م توھين جو ڪوڙو الزام ، بعد م شھر جون حالتون خراب ڪرڻ، مبينہ الزام ھيٺ کيس فري ٽرائيل جو حق نہ ڏيڻ وغيرہ سميت جيڪہ بہ عنصر ملوث ملن انھن کي وائکو ڪري ڪيفرر ڪردار تائين پھچايو وڃي.
  5. ارڙھين گريڊ جي ڊاڪٽر کي سول اسپتال جي ايم ايس بنا ڏوھہ ء ڪنھن بہ ثابتي جي ريليو ڪري ڇڏڻ پڻ خلاف قانون اھي جنھن تي وزہر صحت عذرہ پيچوھو کان مطالبو ڪجي ٿو تہ ان ايم ايس جي ان ايڪشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
    6.جيئن تہ ڊاڪٽر جو قتل پوليس ھٿآن ٿيو آھي ۽ اھا پوليس جيڪا کيس گرفتار ڪري آئي ھئي اھا سندس تحفظ ڪرڻ م ناڪام ٿي ان ڪري حڪومت جلد از جلد
    ان جي ڏہ ڪروڙ compensation ڏني وڃي
  6. انھن ماڻھن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي جن جا نالا دھشگردي ايڪٽ تحت لاش ساڙڻ واري ايف ائي ار م درج اھن.
    8.جيئن تہ مقابلي کانپوء ڊاڪٽر تي ملزم جي حيثيت م ڪوڙي ايف ائي ار ڪٽي ويئي آھي، اھا ايف ائي ار خارج ڪئي وڃي. جيڪڏھن مقابلو ھجي ھا تہ ڊي ائي جي سميت اھي گلن جا ھار نہ پائين ھا، مبارڪون نہ وٺن ھا.
  7. جيئن تہ پوسٽ مارٽم جي ڪا تفصيل رپورٽ ناھي ان ڪري مائٽن جي مرضي سان سندس ٻيھر پوسٽ مارٽم ڪيو وڃي جنھن سان پڻ جعلي مقابلي واري دعوي کي بي نقاب ڪري سگھجي ٿو.
  8. جيئن تہ ڊاڪٽر کي ڪوڙي الزام جي بنا ٽرائيل جو موقعو ڏيڻ جي پوليس ھٿان قتل ڪيو ويو آھي ان ڪري اھڙي ڪنھن بہ واقعي جي پيش قدمي کي روڪڻ لاء اڳ ئي سيفٽي ميزرس وٺڻ لاء ھر ضلعي اندر پوليس لاء ايس او پيز ٺاھيا وڃن جيئن الزام لڳل شخص پنھنجي بيگناھي کي ثابت ڪري سگھي.
  9. سڀ کان اھم سندس خاندان جو تحفظ اھي جيڪو ھن وقت بہ عمرڪوٽ پوليس پاران مختلف حربن سان ھيسايو پيو وڃي ، ٻي پاسي شرپسندن پارن بہ خاندان کي ۽ سندس ڊرائيور کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
  10. جيڪي شرپسند سر جي قيمت رکن ٿا ان ماڻھو جي قتل ٿيڻ جي صورت م سر جي قيمت رکندڙ تي قتل جي ايف ائي ار ڪٽي وڃي. جيڪڏھن ھن ڪيس ۾ بہ سر جي قيمت رکڻ واري ڳالھہ درست ثابت ٿئي تہ ان تي قتل جي ايف ائي ار ٿيڻ کپي.
  11. جيئن تہ ھاڻي توھين جا الازام سوشل ميڊيا تي پيا اچن ان ڪري سنڌ حڪومت جلد ئي ايف ائي ۾ ھڪ سيل بنائي جيڪو اھڙي قسم جي ءنھن بہ مواد شيئر ڪرڻ تي تحقيق ڪري تہ اھو ڪنھن، ڪٿان شيئر ڪيو اھي جيئن ڊاڪٽر شاھنواز جيان سوشل ميڊيا جا اڪائونٽ ھيڪ ڪري ڪنھن. تي ڪوڙو الازام ھڻي مارائڻ کان بچائي سگھجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے