دسمبر 2, 2024

سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ هڪ وڏي خوشخبري: سنڌ سيڪريٽريٽ ملازمن لاءِ ھيلٿ انشورنس جي منظوري

چيف سيڪريٽري سنڌ پاران ملازمن کي مبارڪباد.

ھيلٿ انشورنس مان 24 هزار 639 ملازم ۽ انهن جا ڀاتي مستفيد ٿيندا. آصف حيدر شاھ

سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ هڪ اهم ۽ انقلابي قدم، سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ صحت جي انشورنس جي منظوري ڏئي وئي آهي. سنڌ حڪومت ۽ اسٽيٽ لائف انشورنس جي وچ ۾ هڪ تاريخي معاهدو طئي ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سنڌ سيڪريٽريٽ، وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ، گورنر سيڪريٽريٽ، ۽ سنڌ اسمبلي جي سڀني ملازمن ۽ انهن جي خاندان کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

معاهدي تي صحيحون سنڌ حڪومت جي طرفان سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن، سهيل احمد قريشي، ۽ اسٽيٽ لائف انشورنس جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر شاھد اقبال بلوچ پاران ڪيون ويون. ان موقعي تي اسپيشل سيڪريٽري محمد زمان ناريجو ۽ ارشاد علي سودھر به موجود هئا، جڏهن ته اسٽيٽ لائف انشورنس جي سي اي او شعيب جاويد حسين سميت لاڳاپيل آفيسر موجود هئا.

ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن سهيل احمد قريشي چيو ته هي معاهدو ملازمن جي فلاح و بہبود لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. ان تحت ملازم جي خاندان جي هر فرد لاءِ 7 لک روپين جي صحت جي پاليسي مهيا ڪئي ويندي، جنهن سان انهن کي ملڪ جي 800 کان وڌيڪ جنھن ۾ سنڌ جي 175 اسپتالن بشمول مشهور خانگي اسپتالن ۾، بهترين علاج جي سهولت فراهم ٿيندي. وڌيڪ، هن پاليسي جي مؤثر عمل لاءِ سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ الڳ سيل قائم ڪيو ويندو ۽ ان جو سمورو رڪارڊ نادرا سان ڳنڍيو ويندو، جنهن سان شفافيت ۽ سهولت ۾ واڌارو ٿيندو.

پاليسي جي منظوري کان پوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن ۾ خوشي جي لهر دوڙڻ لڳي ۽ ملازمن حڪومت سنڌ جي هن فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي نعرا لڳايا. ان موقعي تي سندھ سيڪريٽرٽ آفيسرز ويلفيئر ايسوسيئيشن (SOWA) ۽ سندھ سيڪريٽرٽ ايمپلائيز مان گزيٽيڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن (SENWA) جي اڳواڻن پاران وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين جو دل سان شڪريو ادا ڪيو.

چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه به هن خوشي جي موقعي تي سڀني ملازمن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته هي منصوبا نه رڳو ملازمن پر انهن جي خاندانن لاءِ به هڪ وڏي نعمت آهي. هن منصوبي مان 24 هزار 639 ملازم ۽ انهن جا ڀاتي مستفيد ٿيندا، جنهن تي سالانہ 40 ڪروڙ 20 لک روپيا خرچ ٿيندا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے