دسمبر 2, 2024

چيف سيڪريٽري سان ميئر ڪراچي جي اهم ملاقات: شهر مان حددخلين کيختم ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبن تي ڳالهيون

شھر مان غيرقانوني رڪاوٽون ھٽائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ۽ ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب وچ ۾ هڪ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه ۽ ميونسپل ڪمشنر محمد افضل زيدي به شريڪ هئا. ملاقات دوران ڪراچي شهر مان حددخلين کي ختم ڪرڻ، روڊن جي مرمت ۽ ٻين ترقياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اسسٽنٽ ڪمشنرز کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويندا ته جيئن شهر مان غيرقانوني رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جو عمل وڌيڪ تيز ۽ مؤثر بڻائي سگهجي. چيف سيڪريٽري سنڌ خاص هدايتون ڏنيون ته شهر جي اسپتالن جي چوڌاري موجود سموريون غيرقانوني حددخلين کي فوري طور هٽايو وڃي ته جيئن عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به رنڊڪ نه ٿئي.

ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب ان موقعي تي ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ برساتن سبب متاثر ٿيل روڊن جي مرمت ۽ تعمير لاءِ 1.5 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سان گڏ، شهر ۾ پاڻي جي نيڪال جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ جامع قدم کنيا ويندا.

چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه وڌيڪ زور ڏنو ته ڪي ايم سي جي بس سروس کي جديد تقاضائن موجب بهتر بڻايو ويندو ۽ ڪي ايم سي ملازمن جي پينشن جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا ته جيئن انهن جي بهتري يقيني بڻائي سگهجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے