دسمبر 2, 2024

•• سنڌ حڪومت جو پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن پروگرام انڊيڪس رپورٽ تي شديد تحفظات جو اظهار

•• سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ صوبائی وزير يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد علي ملڪاٹي جي گڏيل پريس ڪانفرنس

•• اسلام آباد جا ادارا زميني حقيقتون ڄاڻڻ کانسواءِ “ڊيسڪ اينالسٽ” جو ڪردار ادا ڪن ٿا، حقيقتون ڄاڻڻ بنا ڄاڻي واڻي سنڌ کي هيٺ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. سردار شاهه

•• ايندڙ سال بورڊ امتحان مارچ يا اپريل ۾ ورتا ويندا، تجرباتي بنيادن تي ڪجهه پيپرز او ايم آر طريقيڪار تي ورتا ويندا. محمد علي ملڪاني

ڪراچي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ صوبائي وزير يونيورسٽيز اينڊ بورڊز سنڌ محمد علي ملڪاڻي ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن پروگرام انڊيڪس رپورٽ تي شديد تحفظات جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد جا ادارا زميني حقيقتون ڄاڻڻ کانسواءِ “ڊيسڪ اينالسٽ” جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حقيقتون ڄاڻڻ کانسواءِ ڄاڻي واڻي سنڌ جي تعليم جي معيار کي هيٺ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه پريس ڪانفرنس دوران چيو ته پلاننگ ڪميشن هڪ طرفي رپورٽ جاري ڪئي آهي ته سنڌ ۾ اسڪول انفرااسٽرڪچر خراب حالت ۾ آهن، اسان پاڻ اڳ ئي چئي رهيا آهيون ته سنڌ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري 20 هزار اسڪول متاثر ٿيا آهن. قدرتي آفتن جي ڪري اسان جو تعليمي ڍانچو متاثر ٿيو آهي، ٻوڏ واري صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري به دورو ڪيو، انفرااسٽرڪچر کي ھن مھل ڪارڪردگي ۾ شامل ڪرڻ بي بنياد ھو. هن وڌيڪ چيو ته پلاننگ ڪميشن وارن کي ڪيترين ئي ڳالھين جي خبر ئي ناھي، سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي جنهن جي نصاب بابت يونيسيف جي غير جانبدار تجزيي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جو نصاب پوري ملڪ جي نصاب کان بهتر ۽ جامع آهي. اسان پنهنجي نصاب ۾ ثقافتي پهلو شامل ڪيا، جڏهن ته ٻارن کي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا، سنڌ ۾ سڀني مذهبن جي ٻارن کي سندن مذهب جي تعليم ڏيڻ لاءِ نصاب جوڙيو ويو آهي. سنڌ ۾ ٽرانسجينڊر ايجوڪيشن پاليسي ٺاهڻ وارو پهريون صوبو آهي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ميرٽ تي 60 هزار استادن جي ڀرتي واري عمل ۾ مڪمل شفافيت کي يقيني بنائڻ واري پهلو ڪنھن به صورت نظرانداز نه ڪيو ويو. پنجاب جي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آهي، خيبرپختونخواهه جا اسڪول خالي آهن پر ان تي ڪا واضح ڳالهه ناهي ڪئي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ يونيسڪو پاران 50 ملڪن جي استادن جي ٽيسٽ جو انتظام ڪيو ويو هو، جن ۾ پاڪستان جا اٺ استاد ڪامياب ٿيا، جن مان پهرين نمبر تي سنڌ جي ضلعي سجاول جي ٽيچر پهرين نمبر تي آئي، جڏهن ته ٽاپ ٽين ۾ ٻه ٻين استادن جو تعلق به سنڌ سان آهي. سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ معيار بهتر ٿيو آهي ۽ داخلا جو تناسب به وڌيو آهي. پلاننگ ڪميشن جي شموليت انڊيڪس جي پهلوئن تي ٽيڪنالاجي بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ هڪ لک چورس ڪلوميٽر ايراضي تي ريگستان، ڪوهستان، ڪوسٽل ايريا ۽ جبل آهن جتي نيٽورڪ جو مسئلو آهي، ظاهر آهي ته نيٽورڪ مهيا ڪرڻ وارو ڪم تعليم کاتي جو ته ناهي، ٽيڪنالاجي جو معاملو سڌي ريت اسان تي لاڳو نٿو ٿئي. اسان جي سسٽم جون جائز خاميون اسان ڪڏهن به لڪايون ناهن. سيد سردار علي شاهه چيو ته استادن جي ڀرتي کانپوءِ سندن پروفيشنل ڊولپمينٽ کي اڳتي وڌائيندي سنڌ ۾ اڳڀرائي ڪندي ٽيچرز لائسنس پاليسي متعارف ڪرائي وئي. انتظامن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ ايجوڪيشن مئنيجمينٽ ڪئڊر متعارف ڪرائي رهيا آهيون. صوبائي وزير تعليم سنڌ چيو ته پلاننگ ڪميشن جي پنهنجي رپورٽ اها چوي ٿي ته سنڌ جي نوشهرو فيروز ضلعي پنجاب جي اڌ کان وڌيڪ ضلعن ۽ خيبرپختونخواهه جي سڀني ضلعن کي پوئتي ڇڏيندي ڪارڪردگي جي لحاظ کان 69 نمبر حاصل ڪيو آهي. نوشهرو فيروز پنجاب جي 70 سيڪڙو ضلعن کان لرننگ آئوٽ ڪمز ۾ اڳتي آهي. صوبائي وزير چيو ته اسان پنهنجي خامين کي ڪڏهن لڪايو ناهي، پر وفاقي ادارا رپورٽ ٺاهڻ کان اڳ اسان کان به پڇڻ جي زحمت ڪندا ته انھي بي بنياد بيانن کان بچي سگهن ٿا. ڊيٽا سائنس جو دور آهي، صحيح انگ اکر ٻڌائڻ سان ئي مسئلن جي حل ۾ مدد ملي سگهندي. هڪ سوال تي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ بورڊن کي او ايم آر مشينون نه مليون، جڏهن ته تعليم کاتي او ايم آر مشينون بورڊ حوالي ڪري ڇڏيون هيون. ان موقعي تي وزير يونيورسٽيز محمد علي ملڪاڻي چيو ته هن سال جا پيپر پراڻي طريقي سان ئي چيڪ ڪيا ويا آهن. اسان جي ڪوشش هوندي ته ايندڙ امتحان مارچ يا اپريل ۾ منعقد ڪرايا وڃن ۽ ايندڙ سال اسان ٽي يا چار پيپرن ۾ اي مارڪنگ ۽ او ايم آر شيٽس لاڳو ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بورڊن جي چيئرمين جا ڪيس عدالت ۾ هلي رهيا آهن، اڄ به يونيورسٽيز عدالت ۾ موجود ھو اسان کي 10 آڪٽوبر جي تاريخ ملي آهي، اميد آهي ته عدالت جا ڪيس جلد ختم ٿي ويندا، ۽ بورڊ جا سربراھ جلد مقرر ٿيندا

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے