دسمبر 2, 2024

ڪراچي يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻيءَ اڄ پنهنجي ضلعي سجاول جي سمورن تعلقن ۾ ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي هلندڙ اسڪيمن جو جائزو وٺڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي پنهنجي آفيس ۾ سڏائي ورتو.
ان موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر هِير سوهُو، ايجوڪيشن کاتي جي سيليڪٽ پروجيڪٽ جي ڪوآرڊينيٽر ارم رند، سڪسيس پروجيڪٽ جو ڪوآرڊينيٽر مجيب کتري، تعليم کاتي جا ضلعي ۽ تعلقي جا عملدار، ايجوڪيشن ورڪس جا ايگيڪيوٽوِ انجنيئرز، ٽي سي ايف کان علي بخش منگي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ هئا.

صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻيءَ ايجوڪيشن کاتي پاران اسڪولن جي مرمت وارين اسڪيمن بابت ضلعي جي سڀني تعلقن شاھ بندر. جاتي، دجاول ميرپور بٺورو ۽ کاروڇاڻ جي اسڪولن بابت تعليم کاتي جي عملدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي.
ڊِي اِي او سجاول عنايت کٽي صوبائي وزير کي مرمت واري اسڪيمن ۾ شامل اسڪولن بابت آگاھ ڪيو، جنهن تي صوبائي وزير چيو ته اوهان ڪهڙين بنيادن تي پوري ضلعي مان رڳو پنج اسڪول مرمت وارين اسڪيمن ۾ شامل ڪرايا آهن. هن چيو ته عالمي بينڪ، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ۽ ايجوڪيشن ورڪس پاران سجاول ضلعي کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ تعليمي کاتي جي عملدارن پنهنجي غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي.
محمد علي ملڪاڻيءَ چيو ته آئون ان سلسلي ۾ تعليم کاتي وزير سيد سردار علي شاھ کي خط لکي پنهنجن تحفظات جو اظهار ڪندس.
هن چيو ته سجاول ضلعي ۾ تمام گهڻا اسڪول آهن جن جي عمارتن کي مڪمل طور تي نئين سر تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ ڪنهن به آفيسر جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے