نومبر 30, 2024

ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سنڌ اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو آھي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ھدايت تي پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ڪندي رھندي، وڏو وزير
چونڊيل نمائندن سان وزيراعليٰ ھائوس ۾ گڏجاڻيون، عوامي مسئلن سميت سياسي ۽ سماجي صورتحال تي ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سنڌ اسمبليءَ رٿ منظور ڪري اسان پنھنجو واضح موقف ڏنو آھي، وفاق سنڌ جي عوامي موقف تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ھدايت تي پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ڪندي رھندي. ھن اھي ڳالھيون خميس ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس ۾ چونڊيل نمائندن سان الڳ الڳ ڪيل گڏجاڻين دوران ڪيون، جنھن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر ۽ قومي اسمبلي ميمبر خورشيد احمد جوڻيجو، شڪارپور جي صوبائي اسمبلي ميمبر محمد عارف مھر، دادو جي قومي اسمبلي ميمبر عرفان علي لغاري، ٽٺو جي شيرازي ڀائرن ۾ شفقت حسين شاھھ شيرازي، رياض حسين شاھھ شيرازي ۽ شاھھ حسين شاھھ ۽ سينيٽر ڄام سيف اللھ ڌاريجو شامل ھئا. وڏي وزير جي ترجمان مطابق چونڊيل نمائدن امن ۽ امان جي گڏيل صورتحال، صحت جي سھولتن، ترقياتي رٿائن، ٻين عوامي مسئلن سميت سياسي ۽ سماجي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير سمورن چونڊيل نمائدن کان سندن تڪن جا مسئلا ٻڌا ۽ انھن کي حل ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايت تي لاڙڪاڻي سميت سڄي صوبي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ڪري رھي آھي. چونڊيل نمائندن وڏي وزير کي ھاڻوڪين برساتن سان زراعت کي پھتل نقصان بابت پڻ آگاھھ ڪيو. وڏي وزير چيو تھ سنڌ حڪومت ھارين لاءِ ھاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي، اسان ھارين جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ پرعزم آھيون. ملاقات ڪندڙ نمائندن وڏي وزير کي درياھھ جي پوڇڙ ۾ زرعي پاڻيءَ جي مسئلن کان پڻ آگاھھ ڪيو. سيد مراد علي شاھھ آبپاشي کاتي کي سنڌو درياھھ جي پوڇڙ ۾ پاڻي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين انڊس ڊيلٽا جي تحفظ جي ڳالھھ ڪئي آھي. ھن چيو تھ سنڌ اسيمبلي مان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف رٿ منظوري ڪري اسان پنھنجو واضح موقف ڏنو آھي، اسان وفاقي حڪومت کان گھر ڪيون ٿا تھ سنڌ جي عوامي موقف تي عمل ڪرايو وڃي. وڏي وزير چونڊيل نمائدن کي پڪ ڏياري تھ عوامي مسئلن جي حل جي تسلسل ۾ ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے