دسمبر 2, 2024

سنڌ جي وڏي وزير صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪراچي بابت وڏا فيصله
وڏي وزير برساتن سبب متاثر روڊ، پلن ۽ انڊر پاسز جي بحالي لاءِ ڏيڊ ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي
2022 بعد تعمير ٿيل روڊن جي تباهي بابت تحقيقات جو حڪم ڏئي ڇڏيو
غير معياري ڪم برداشت نه ڪبو، ذميوارن کي انجام تائين پهچايو؛ بلديات واري وزير کي هدايت
ڪرچي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ڪراچي ۾ برساتن سبب متاثر ٿيندڙ روڊن جي بحالي لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته بلديات کاتي کي 2022ع کان پوءِ ٺهيل رُوڊن جي ٽٽڻ جي تحقيقات جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته غير معياري ڪم برداشت نه ڪيو ويندو، ذميوارن کي خلاف سخت قدم کنيا ويندا. عوامي جاين جي تعمير ۽ سار سنڀال لاءِ احتساب جو هجڻ ضروري آهي.
اجلاس وزيراعليٰ‏ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ منصوبا بندي ۽ ترقيات واري وزير ناصر حسين شاهه، بلديات واري وزير سعيد غني، ڪراچي جي ميئر مرتضي‏ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمنٽ نجم شاهه، بلديات واري سيڪريٽري خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي اًفضل زيدي ۽ اسپيشل فنانس سيڪريٽري ناصر ميمڻ شرڪت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاه بلديات واري وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته 2022ع کانپوءِ تعمير يا مرمت ٿيندڙ روڊ ڪيئن ٽٽي ويا ان جي تحقيات ڪئي وڃي. ان جو چوڻ هو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪم معياري نه ڪيو ويو هو ان ڪري ذميوارن کي انجام تائين پهچائڻ ضروري آهي.
ميئر ڪراچي مرتضي وهاب وڏي وزير کي ٻڌايو ته 2024ع جي برساتن سبب هڪ ڪروڙ 78 لک 60 هزار 5 سئو اسڪوائر فوٽ روڊ خراب ٿي ويا آهن جن مان ضلعي ڏکڻ جا 9 لک 9 هزار 5 سئو اسڪوائر فوٽ، ضلعي اوڀر جا 7 لک 95 هزار اسڪوائر فوٽ ، ضلعي سينٽرل جا 8 لک 32 هزار اسڪوائر فوٽ، ضلعي اولهه جا 1ڪروڙ 37 لک 50 هزار اسڪوائر فوٽ، ڪورنگي جا 55 لک 55 هزار اسڪوائر فوٽ، جڏهن ته ضلعي ملير جا 6 لک 50 هزار اسڪوائر فوٽ روڊ شامل آهن. 3 لک 95 هزار اسڪوائر فوٽ فلاءِ اور ۽ پلون به خراب ٿيون آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي 120 روڊن، فلاءِ اوورز ۽ پُلن کي مرمت جي ضرورت آهن جن ۾ ضلعي ڊکڻ جا 20 روڊ، اوڀر جا 20 ، سينٽرل جا 7 ، اولهه جا 38، ڪورنگي جا 11، ملير جا 12 روڊ ۽ 10 فلاءِ اوورز شامل آهن.
ميئر ڪراچي چيو ته ٽٽل روڊن ، پلن ۽ فلاءِ اوورز جي مرمت لاءِ ڏيڍ ارب روپين جي ضرورت آهي. وڏي وزير رقم منظور ڪندي هدايت ڪئي ته ڪم معياري ڪيو وڃي.
ميئر ڪراچي وڏي وزير ٻڌايو ته ڪلڪ پروگرام تحت 6 وڏا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن جن ۾ ضلعي ملير ۾ خالد بن وليد روڊ جي ريلوي لائن تي فلاءِ اوور جي تعمير، ابراهيم حيدري ۾ ناصرجمپ ڏانهن ويندڙ مهرالنسا روڊ جي تعمير، اورنگي ۾ باب خيبر کان 4 نمبر روڊ جي بحالي، نارٿ ناظم آباد ۾ خواجا اجمير نگري چورنگي کان منگهوپير ڊاڊيڪس فيڪٽري واري روڊ ۽ سيوريج نظام جي تعمير، ضلعي اولهه ۾ ڪيپٽن ڪرنال شيرخان شهيد فٽبال اسٽيڊيم ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس جي تعمير ۽ ملير ۾ شهزاد فٽبال اسٽيڊيم جي تعمير ّشامل آهن.
وڏي وزير هڪ ڌار اجلاس جي صدارت به ڪئي جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته هاڻوڪين برساتن ۽ سيلاب سبب حيدرآباد ڊويزن ۾ 3 هزار 545 ڪلو ميٽر تائين 219 روڊ ۽ سکر ڊويزن ۾ 124 ڪلو ميٽر تائين 178 روڊ ٽٽي ويا آهن. وڏي وزير ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمنٽ کي نقصانن جو ڪاٿو لڳائي بحالي جو ڪم ّشروع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
هي اجلاس به وزيراعلي‏ٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ منصوبا بندي ۽ ترقيات واري وزير ناصر حسين شاهه، ورڪس واري وزير حاجي علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصًف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمنٽ نجم شاهه، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس محمد علي کوسو ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2024ع جي برساتن سبب حيدرآباد ڊويزن ۾ 3هزار 544.39 ڪلو ميٽر جا 219 روڊ ۽ سکر ڊويزن ۾ 319 ڪلو ميٽر جا 27 روڊ خراب ٿيا آهن جنهن ۾ روڊ جي فرش کي نقصان پهچڻ، ڪنارن جي ڊهي وڃڻ، پلن ۽ ڪلورٽس جا نقصان شامل آهن.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته منصوبا بندي ۽ ترقي وارو وزير ناصر حسين شاهه ۽ ورڪس وارو وزير حاجي علي حسن زرداري پنهنجي پنهنجي ٽيمن سان ويهن ۽ نقصانن جو ڪاٿو لڳائن ته جيئن ڪم شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي سگهجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے