دسمبر 1, 2024

ڪراچي ۾ 35 ڏينهن وارو ورلڊ ڪلچر فيسٽيول 26 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو

ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ڪراچي ۾ يورپ، آمريڪا، آفريڪا سميت 40 ملڪن جا 400 فنڪار شرڪت ڪندا

چيف سنڌ سيڪريٽريٽ جي صدارت ۾ اجلاس، سنڌ حڪومت ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جي ميزبان آھي.

ڪراچي،

چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو آهي ته ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ڪراچي ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني فنڪارن ۽ مهمانن جو پرجوش استقبال ڪيو ويندو ۽ سنڌ حڪومت هن فيسٽيول جي ميزبان آهي. هن اھو وقت ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ڪراچي جي سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن بابت هڪ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت دوران چيو.

اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گھرو کاتو محمد اقبال ميمڻ، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، سيڪريٽري يونيورسٽيز ائنڊ بورڊ محمد عباس بلوچ، سيڪريٽري امپليمينٽيشن ۽ ڪوآرڊينيشن، قائم مقام ڪمشنر ڪراچي، ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ۽ ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جا نمائندا شريڪ هئا. اجلاس دوران ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ڪراچي جي سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن تي بريفنگ ڏني وئي.

آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه اجلاس ۾ ٻڌايو ته ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ۾ 40 ملڪن جا 400 کان وڌيڪ فنڪار ۽ اداڪار پرفارم ڪندا. 35 ڏينهن وارو هي فيسٽيول 26 سيپٽمبر کان 30 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا، يورپ، آفريڪا ۽ عرب ملڪن جا فنڪار هن فيسٽيول ۾ پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪندا. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ٻڌايو ته فيسٽيول جي لاءِ هڪ جامع سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز کي صوبائي يونيورسٽين جي شاگردن کي فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ ڪراچي ميٽرو پولٽين ڪارپوريشن (KMC) کي شهر جي رستن جي مرمت ۽ خوبصورتي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اهو به زور ڏنو ته هي فيسٽيول سنڌ ۾ عالمي سياحت ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيندو. هن ٻڌايو ته فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني فنڪارن ۽ مهمانن لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ خاص ڊيسڪ قائم ڪئي ويندي ۽ ڪمشنر ڪراچي ۽ سيڪريٽري امپليمينٽيشن ۽ ڪوآرڊينيشن انهيءَ حوالي سان سڀني لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهندا. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ڪراچي جي ميزبان آهي ۽ هن فيسٽيول کي مڪمل طور تي سپورٽ ڪري رهي آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے