اکتوبر 13, 2025

وزير بلديات سنڌ ناصر شاهه جي صدارت هيٺ ڪي ڊي اي جو اعليٰ سطحي اجلاس، اهم فيصلا، لينڊ رڪارڊ کي ڊجيٽل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه اڄ سوڪ سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيو۔ ان موقعي تي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ڊاڪٽر وسيم شمشاد علي، ڊي جي ڪي ڊي اي آصف جان صديقي، لوڪل گورنمينٽ جي آفيسرن ۽ ڪي ڊي اي جي مختلف شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي۔ وزير بلديات سنڌ ڪي ڊي اي جي ماتحت جاري اسڪيمَن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سڀني منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي۔ هن چيو ته جيڪڏهن ترقياتي ڪمن ۾ ڪا رڪاوٽ يا مالي تڪليف پيش اچي ٿي ته سنڌ حڪومت پنهنجو مڪمل ڪردار ادا ڪندي ته جيئن شهرين کي جلد سهولتون فراهم ڪري سگهجن۔ ناصر شاهه چيو ته ڪريم آباد انڊر پاس جو ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي، جنهن جي رفتار وڌائڻ جي فوري ضرورت آهي۔ اهڙيءَ طرح منور چوڪ انڊر پاس جي تعمير دوران شهرين لاءِ متبادل رستن کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ٿئي ۽ عوام کي تڪليف نه ٿئي۔ هن هدايت ڪئي ته سڀني يوٽيلٽي لائينن بابت لاڳاپيل ادارا گڏجي مسئلا حل ڪن ته جيئن تعميراتي ڪم بنا رڪاوٽ مڪمل ٿي سگهي۔ بريفنگ دوران وزير کي ٻڌايو ويو ته مجاهد ڪالوني ۾ 1.8 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ جي تعمير جاري آهي، پر واٽر اينڊ سيوريج لائينز جا مسئلا ۽ قبضو مافيا جون سرگرميون ڪم ۾ دير جو سبب بڻيل آهن۔ جڏهن ته ڪورنگي 1300 روڊ تي نالي جي تعمير جاري آهي، جنهن لاءِ وڌيڪ فنڊز گهربل آهن۔ ناصر شاهه هدايت ڪئي ته ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو ۽ ڪي ڊي اي پائپ فيڪٽري کي ٻيهر فعال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن۔ ڊي جي ڪي ڊي اي ٻڌايو ته اداري کي هن وقت تنخواه جي مد ۾ شارٽ فال آهي، جڏهن ته ريٽائرڊ ملازمن جا واجبات 2020 کان زير التواءَ آهن، جن لاءِ سمري سنڌ حڪومت ڏانهن موڪلي وئي آهي۔ ڊي جي ڪي ڊي اي درخواست ڪئي ته ڪيترائي مسئلا زير التواءَ آهن، تنهنڪري انهن جي حل لاءِ فوري طور گورننگ باڊي جو اجلاس سڏايو وڃي۔ ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي ته ڪي ڊي اي جي لينڊ رڪارڊ کي ڊجيٽل ڪرڻ لاءِ ضروري قدم فوري کنيا وڃن ته جيئن زمينن جي رڪارڊ ۾ شفافيت يقيني بڻائي سگهجي۔ وزير بلديات چيو ته سرجاني ٽائون ۾ اسڪاءِ ويُو اپارٽمنٽس منصوبي کي عوامي وس آهر گهٽ قيمت تي تعمير ڪيو وڃي ته جيئن وچولو طبقو به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهي۔ ڊي جي ڪي ڊي اي ٻڌايو ته اداري پاران پائپ فيڪٽري کي ٻيهر هلائڻ لاءِ نئون پلان تيار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سفوره اسفالٽ پلانٽ لاءِ نئون منصوبو سنڌ حڪومت کي منظوري لاءِ موڪليو ويندو۔ معمار اسفالٽ پلانٽ بابت وزير بلديات چيو ته ان تي الڳ ميٽنگ رکي وڃي ته جيئن مستقبل لاءِ واضح حڪمت عملي تيار ٿي سگهي۔ ناصر شاهه چيو ته ڪي ڊي اي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ آمدني وڌائڻ لاءِ نيون هائوسنگ اسڪيمون ۽ ٻيا منصوبا تيار ڪيا وڃن۔ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪي ڊي اي پاران پلاٽن جي نيلامي جي منظوري ۽ گرانٽ ۾ اضافي لاءِ سنڌ حڪومت ڏانهن سمري موڪلي وئي آهي۔ وزير بلديات چيو ته سنڌ حڪومت اداري کي مالي طور مضبوط ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي۔ هن وڌيڪ چيو ته ون ونڊو سسٽم تحت هڪ شفاف طريقيڪار تيار ڪيو وڃي جنهن سان زمينن تي قبضن ۽ نقلي فائلن جا امڪان ختم ٿي وڃن۔ هن چيو ته غريب عوام جي مفادن جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل سهڪار ڪندي۔ دوري جي پڄاڻي تي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه کي گريٽر ڪراچي ريجنل پلان 2047 بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ وزير هن منصوبي کي ڪراچي جي مستقبل جي ترقي جي بنياد قرار ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ان تي تيزيءَ سان عمل ڪيو وڃي ۽ ميئر ڪراچي سان گڏجي لاڳاپيل مشاورت جاري رکي وڃي۔ آخر ۾ وزير چيو ته ڪي ڊي اي هڪ تاريخي ۽ عوامي اداري آهي، ان کي جديد ضرورتن موجب فعال بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي۔ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڪي ڊي اي پنهنجي ساک ۽ ڪارڪردگي ٻيهر بحال ڪندو۔
هي

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے