
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ بابت ميڊيا رپورٽن تي وضاحتي بيان
ڪراچي: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ (STBB) طرفان روزاني ڪاوش ۽ ڪجھ ٻين اخبارن ۾ 30 سيپٽمبر 2025 تي شايع ٿيندڙ خبرن بابت وضاحت جاري ڪئي وئي آهي۔ انهن خبرن ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ (ACE)، سنڌ پاران مبينه درسي ڪتابن جي خريداري جي معاملي تي انڪوائري جو ذڪر ڪيو ويو آهي۔
ايس ٽي بي بي جي ترجمان اخبارن جي رويي تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي اخبارن ۾ اداري جي حوالي سان شايع ٿيل خبر ۾ صحافتي اُصولن کي نظرانداز ڪيو ويو۔ صرف انڪوائري جو آغاز ڪنهن ڏوهه يا غلطي جي ثابتي جي برابر نه هوندو آهي، پر خبر کي اهڙي نموني پيش ڪيو ويو ڄڻ ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڪنهن وڏي ڏوهه ۾ ملوث هجي۔ اهڙيءَ طرح غير تصديق ٿيل الزام کي نمايان طور ڇاپڻ، اڳواٽ فيصلو ڪرڻ جي برابر آهي ۽ اداري جي ساک کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجي ٿو۔
ترجمان موجب:
• تعليمي سال 2024-25 لاءِ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو عمل سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ رولز (SPPRA/EPADS) جي مطابق مڪمل ڪيو ويو، جنهن ۾ سڀني اهل واڪ ڏيندڙن کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويا۔
• ڪنهن به شرڪت ڪندڙ ۽ واڪ ڏيندڙ ڌر طرفان ڪابه شڪايت داخل نه ڪئي وئي، جيڪا هن عمل جي شفافيت جو مضبوط ثبوت آهي۔
• سڄي صوبي ۾ شاگردن کي بروقت درسي ڪتاب فراهم ڪيا ويا ۽ ڪٿي به رڪاوٽ پيش نه آئي، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي۔
ترجمان وڌيڪ چيو ته هن انڪوائري جي بنياد بڻايل شڪايت بي بنياد آهي، ڇو ته ACE جو نوٽيس سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي باضابطه طور موصول ٿيڻ کان اڳ ئي ميڊيا ۾ گردش ڪرڻ لڳو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اداري تي اجايو دٻاءُ وجهي ان جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ واضح ڪيو آهي ته تعليمي سال 2026-27 لاءِ ڪتابن جي خريداري جو عمل به ايس پي پي آر اي/ايپيڊز جي اصولن جي مطابق شروع ڪيو ويو آهي، جيئن صوبي جي شاگردن کي وقت سر ۽ بنا رڪاوٽ درسي ڪتاب فراهم ڪري سگهجن۔
ترجمان چيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پنهنجي شفافيت، جوابدهي ۽ شاگردن جي خدمت جي عزم تي قائم آهي۔ ميڊيا هائوسز کي اپيل آهي ته اهي بي بنياد خبرون ڏيڻ کان پاسو ڪن ۽ خبر ڇاپڻ کان اڳ اداري جو باضابطه موقف ضرور شامل ڪن۔ صرف تصديق ٿيل حقيقتون ئي نمايان خبر بڻجڻ جي اهل آهن.