
ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڏيل قومن جي ٻارن واري اداري (يونيسيف) جي پاڪستان لاءِ نئين نمائنده محترمه پرنيلي آئرنسائيڊ سان ملاقات ڪئي، کين ڀليڪار چيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندن عرصي دوران صوبي جي حڪومت ۽ يونيسيف جي وچ ۾ ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ٿيندي۔ ملاقات سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ يونيسيف ڪراچي جو چيف فيلڊ آفيسر مسٽر پريم بہادر چند به موجود هئا۔ محترمه آئرنسائيڊ سنڌ حڪومت سان جاري ۽ ايندڙ تعاون بابت ڳالهايو۔ يونيسيف جي وفد کي ڀليڪار ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت مختلف شعبن ۾، خاص طور تي قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ ۽ بنيادي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ، يونيسيف سان “بهترين ڀائيواري” کي وڏي اهميت سان ڏسي ٿي۔ ملاقات دوران ٻنهي ڌرين ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ صوبائي حڪومت جي تيارين بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويا آهن جڏهن ته يونيسيف جي بروقت مدد متاثر ٿيل ڪميونٽين لاءِ نهايت اهم ثابت ٿي۔ مراد علي شاهه يونيسيف جي انهن ڪوششن کي ساراهيو جن تحت ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ بنيادي صحت جون سهولتون ۽ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن لاءِ خدمتون بهتر بڻايون ويون۔ انهن سهولتن مان پنج لک پنجونجاھ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فائدو حاصل ڪري چڪا آهن جن ۾ چار لک ويهه هزار ٻار ۽ هڪ لک ٽيهه هزار عورتون شامل آهن۔ يونيسيف ويڪسين لاءِ ڪولڊ چين سسٽم جي بحالي تي به ڪم ڪيو ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ 24 ڪلاڪ پيدائش وقت ويڪسين ڏيڻ جي سهولت مهيا ڪئي ته جيئن نون ڄاول ٻارن کي اسپتال مان ڇڏڻ کان اڳ ئي زندگي بچائيندڙ ويڪسين ملي سگهي۔ ملاقات دوران يونيسيف جا سنڌ ۾ وڏا منصوبا پڻ پيش ڪيا ويا جن ۾ شامل آهن: سنڌ اسڪول ڊيلي مانيٽرنگ سسٽم جنهن ذريعي شاگردن جي حاضري تي نظر رکي وڃي ٿي ۽ ڊراپ آئوٽ گهٽائڻ لاءِ فوري الرٽ ڏنا وڃن ٿا۔ اسٽا ڊپ تعليمي سڌارا پروگرام، جنهن تحت اسڪول مينيجمينٽ جي غيرمرڪزي حڪمت عملي، ڊجيٽل مانيٽرنگ ۽ استاد جي پيشورانه تربيت متعارف ڪرائي وئي، جنهن مان پنجپن هزار کان وڌيڪ ٻار مستفيد ٿيا۔ غير رسمي تعليمي مرڪز جيڪي بين الاقوامي سهڪار سان قائم ڪيا ويا ته جيئن هزارين اسڪول کان ٻاهر ٻار تڪڙا تعليمي پروگرام ذريعي ٻيهر تعليم ۾ شامل ٿي سگهن۔ ٻارن لاءِ محفوظ جڳهيون ۽ نفسياتي سهائتا جون سرگرميون، جيڪي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فراهم ڪيون ويون ته جيئن ٻار صدمو وساري سگهن۔ نارين لاءِ روزگار ۽ هُنر جي تربيت جا پروگرام، خاص طور تي خيرپور ۽ گھوٽڪي ۾، جن جي ذريعي نوجوان ڇوڪرين کي فني تربيت ۽ ڪميونٽي آگاهي وسيلي بااختيار بڻايو پيو وڃي۔ وڏي وزير يونيسيف جو شڪريو ادا ڪيو ته هن سنڌ جي مشڪل وقت خاص ڪري ٻوڏ دوران، ساٿ ڏنو ۽ تعليم، صحت ۽ ٻارن جي تحفظ جي شعبن ۾ ڊگهي مدي وارا سڌارا آڻڻ لاءِ تعاون ڪيو۔ هن عزم ورجايو ته سنڌ حڪومت يونيسيف سان گڏجي ڪم جاري رکندي ته جيئن سڄي سنڌ جي ٻارن ۽ خاندانن کي بھتر صحت، تعليم ۽ تحفظ جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن۔