
ڪابينا ڪميٽي فنانس جي اجلاس ۾ ورڪس اينڊ سروسز، ڪلچر ٽورزم، هوم، آبپاشي، اسپورٽس اينڊ يوتھ افيئرز ڊپارٽمينٽس جي مالي معاملن بابت فيصلا ڪيا ويا: ناصر شاهه
ڪراچي (): وزير توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ، وزير داخلہ ضياءُ الحسن لنجار سان گڏ اڄ توانائي کاتي سنڌ جي ڪميٽي روم ۾ ڪابينا ڪميٽي براءِ فنانس جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ورڪس اينڊ سروسز، ڪلچر اينڊ ٽورزم، هوم، آبپاشي ۽ اسپورٽس اينڊ يوتھ افيئرز جي ادارن کي مالي معاملن بابت پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ مسئلن تي تفصيلي غور ۽ فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ وزير توانائي ناصر شاهه، وزير داخلہ ضياءُ الحسن لنجار کان علاوه ايڊشنل چيف سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ، فنانس، ورڪس اينڊ سروسز، ڪلچر ٽورزم اينڊ آرڪائيوز، آبپاشي، اسپورٽس اينڊ يوتھ افيئرز جي ادارن جا سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ مختلف محڪمن جي عوامي منصوبن ۾ رڪاوٽ بڻيل مالي مسئلن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ انهن جي حل لاءِ فيصلا ڪيا ويا. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه ۽ ضياءُ الحسن لنجار چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو ويزن آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ منصوبا تيار ۽ مڪمل ڪيا وڃن، ۽ انهن منصوبن ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي فوري طور حل ڪيو وڃي.
وزيراعليٰ سنڌ، چيئرمين جي ويزن جي مطابق مختلف سرڪاري ادارن جي عوامي منصوبن بابت مالي مسئلن جي حل لاءِ ڪابينا سب ڪميٽي براءِ فنانس تشڪيل ڏني آهي، جنهن ۾ ڪميٽي جا سمورا ميمبر متفقه راءِ ۽ منظوري سان فيصلا ڪن ٿا. ڪميٽي جي تيزي ۽ متفقه فيصلا جي ڪري عوامي مفاد وارن منصوبن ۾ رڪاوٽون ختم ٿين ٿيون ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تي عمل ڪيو وڃي ٿو.
وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه ان موقعي تي چيو ته اجلاس ۾ پيش ڪيل ايجنڊا تي تفصيلي بحث ۽ غور کان پوءِ مختلف منصوبن جي حتمي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڪجهه ايجنڊا کي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو. هن چيو ته فنانس ڪميٽي هڪ هڪ ايجنڊا جا قانوني پهلوَ ڏسي، سڀني ميمبرن جي متفقه راءِ سان منظور ڪري ٿي ۽ ميرٽ تي فيصلا ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ايجنڊا ۾ ڪنهن به قانوني پهلوءَ ۾ ڪا کوٽ يا گهٽتائي هجي، ته ان کي ملتوي ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، جيئن سڀني قانوني تقاضائن کي پورو ڪري ٻيهر پيش ڪري سگهجي.