اکتوبر 14, 2025

ڪراچي جشن آزادي جي حوالي سان سنڌ جي راندين واري کاتي پاران سنڌ جي 7 ضلعن ۾ “معرڪه حق” جي عنوان سان راندين واريون تقريبون وڏي جوش ۽ جذبي سان منعقد ڪيون ويون، جن ۾ تائيڪوانڊو، ڪبڊي، شوٽنگ بال، فٽبال، بيڊمنٽن ۽ ٻارن جي ڊوڙ سميت مختلف رانديون شامل آهن.

انهن مقابلن ۾ 1500 سو کان وڌيڪ رانديگرن حصو ورتو.راندين واري کاتي جي ترجمان موجب، ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ اسپورٽس آفيسر سني پرويز جي نگرانيءَ ۾ “معرڪه حق انٽر ڊسٽرڪٽ تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ” جو شاندار انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف ضلعن مان آيل 200 کان وڌيڪ رانديگرن حصو ورتو. ايونٽ جي پڄاڻيءَ تي ڪامياب رانديگرن ۾ اسناد ۽ انعام ورهايا ويا.شھيد بينظير آباد ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر عبدالرحيم راجپوت پاران “شھيد راجا عزيز ڀٽي نشانِ حيدر” جي نالي سان شوٽنگ بال ٽورنامينٽ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ 8 ٽيمون شامل هيون. فرينڊز شوٽنگ بال ڪلب نوابشاهه فائنل کٽي، ونر ٽرافي، اسناد ۽ نقد انعام حاصل ڪيو. نوشهرو فيروز ۾ اسپورٽس آفيسر شهباز خان جي نگرانيءَ هيٺ ڪبڊي ٽورنامينٽ ٿيو، جنهن ۾ پپو راجپر ٽيم 12 پوائنٽن سان ميدان ماريو. ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ محفوظ علي جي نگرانيءَ ۾ فٽبال ٽورنامينٽ، جڏهن ته مٺي ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر عاطف آرائين پاران سنڌي ثقافتي راند “ڪوڏي ڪوڏي” جو مقابلو ڪوٺايو ويو. ضلعي سجاول ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر حنا رفيق راجپوت جي نگرانيءَ ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي وچ ۾ 50، 100، ۽ 200 ميٽر ڊوڙ جا مقابلا ٿيا.

ترجمان موجب، 100 ميٽر ڊوڙ ۾ غلام فريد، 50 ميٽر ڊوڙ ۾ ريحان، ۽ 200 ميٽر ڊوڙ ۾ فراز پهرين پوزيشن ماڻي. بدين ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر انور علي روشن پاران ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي بيڊمنٽن چيمپيئن شپ جو انعقاد ٿيو، جنهن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي انعام ڏنا ويا.

سنڌ جي راندين واري کاتي جي ترجمان موجب، انهن راندين

جو مقصد نوجوانن کي صحتمند تفريح مهيا ڪرڻ ۽ آزادي جي خوشين کي راندين جي ذريعي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے