اکتوبر 14, 2025

ڪراچي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر سان وزيراعظم يوٿ پروگرام سنڌ جي ڪو آرڊينيٽر فهد شفيق جي ملاقات ٿي گذري.ڪراچي جي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل ملاقات دوران نوجوانن جي ترقي، فلاح ۽ راندين جي واڌاري لاءِ گڏيل سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو. راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته نوجوانن جي ڀلائي لاءِ جلد هڪ گڏيل لائحه عمل تيار ڪيو ويندو.ملاقات ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد حبيب الله پڻ موجود هئا.فهد شفيق وزير کي وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت جاري سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي سردار محمد بخش مهر چيو ته نوجوانن جي بهتري لاءِ کنيل هر مثبت قدم جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته جلد ايندڙ لائحه عمل بابت تفصيلي مشاورت ڪئي ويندي.سردار محمد بخش مهر جي هدايت تي وزيراعظم يوٿ پروگرام جو پلان ۽ نيشنل يوتھ ڪائونسل جون تفصيلون راندين واري کاتي سان شيئر ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.هن چيو ته هڪ مربوط حڪمت عملي هيٺ نوجوانن لاءِ کنيل اپائن جا نتيجا ڊگهي مدي تائين اثرائتا ثابت ٿيندا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے