سرسو پاران امدادي سرگرميون جاري:
بدين ۾ برسات متاثر خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) پاران برساتي ٻوڏ جي متاثر ڳوٺن بابر جلالاڻي ۽ بصر سميجو، يو سي ترائي، تعلقي شهيد فضل راهو ۾ ضرورتمند خاندانن ۾ 55 راشن جا ٿيلها ورهايا ويا.
راشن جي ٿيلهن ۾ ضروري کاڌ خوراڪ جھڙوڪ، اعلي ڪوالٽي وارو اٽو (20 ڪلو)، تيل (2 ليٽر)، چانور (3 ڪلو)، کنڊ (2 ڪلو)، چانهه (0.5 ڪلو)، دال (2 ڪلو)، لوڻ (2 پيڪٽ)، صابڻ (1 پيڪٽ: 4 عدد)، ۽ منرل پاڻي (5 ليٽر بوتل).
اھڙي ورهاست لاڳاپيل علائقن ۾ قائم ڳوٺن جي تنظيمن (VOs) جي ذريعي ڪئي وئي. اھڙين امدادي ڪوششن جو مقصد متاثر خاندانن جي بنيادي ضرورتن کي هنگامي بنيادن تي پورو ڪرڻ آهي.
ياد رھي تہ سرسو پاران مون سون برساتي اثرن کي منھن ڏيڻ لاءِ متاثر خاندانن جي لاء فوري طور تي امدادي خدمتون شروع ڪري چڪيون آهن