مئی 16, 2025

ڪراچي

چيئرمين بلاول ڀٽو جي ايڪس اڪائونٽ تي ڀارتي دهشتگرد حڪومت جي پابندي جي سخت مذمت ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته دهشتگرد ڀارتي حڪومت بلاول ڀٽو زرداري جي ايڪس اڪائونٽ کي بلاڪ ڪري بزدلي جي هڪ نئين مثال قائم ڪئي آهي.

بلاول ڀٽو جي اڪائونٽ تي پابندي صرف ڊجيٽل سينسرشپ ناهي،

پر مودي حڪومت ۽ بي جي پي اندر لڪل سچائي کان خوف جي واضح نشاني آهي.

هڪ بيان ۾، سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري عوام جو آواز، جمهوري قدرن جو نمائندو ۽ خطي ۾ امن جو علمبردار آهي.

هن چيو ته ڀارتي مودي سرڪار هر ان آواز کي دٻائڻ لا سندرو ٻڌي بيٺل آهي جيڪا سندس انتها پسند هندوتوا نظريي کي للڪاري ٿي. هي قدم دهشتگرد ڀارتي حڪومت ۽ دهشتگرد بي جي پي جي خوف، اڻ سھپ ۽ سفارتي محاذ تي مڪمل ناڪامي کي واضح ڪري ٿو.

سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪريل حربن سان ظلم کي لڪائي نٿو سگهجي ۽ نه ئي ڪشميرين جي حق ۾ اٿندڙ آواز کي دٻائي سگھجي ٿو. چيئرمين بلاول جو آواز لکين دلين ۾ گونجندو آهي، ۽ ڪا به ڊجيٽل ديوار ان آواز کي روڪي نٿي سگهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے