مارچ 12, 2025

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تڪراري ڪئنال منصوبن جي خلاف ايڪنڪ، اين اِي سي ۽ سي سي آءِ سميت سڀني آئيني فورمن تي سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي

ته وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام جو آواز ٻڌي تڪراري ڪئنال

منصوبن تان هٿ کڻڻ جو فوري اعلان ڪري. اهڙو اعلان ڇنڇر ڏينهن پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڪراچيءَ جي اين آءِ سي ايڇ اسپتال ۾ پيپلز پيرا ميڊيڪل پاران افطار جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نثار کهڙو چيو ته سنڌ کي تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو ڪنهن به صورت قبول ناهي ۽ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ پاڻيءَ جي مسئلي سميت عوام جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته تڪراري ڪئنالن جي خلاف مختلف سياسي، سماجي، قومپرست جماعتن سميت وڪيلن جو احتجاج عوام جو آواز آهي ان لاءِ وفاقي حڪومت عوام جي آواز کي ٻڌي. نثار کهڙو چيو ته چولستان ڪئنال وارو منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي جنهن منصوبي شان سنڌ بنجر بڻجي ويندي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي پاڻيءَ جي مسئلي تي مقابلو ڪندي. هن چيو ته ارسا نگران دور ۾ غير آئيني طور پاڻيءَ جي واڌو موجودگيءَ بابت اين او سي جاري ڪئي جنهن تي سنڌ سخت اعتراض واري سي سي آءِ کي پڻ لکيو آھي.

وفاقي حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي سنڌ جا آئيني اعتراض ٻڌي تڪراري ڪئنال منصوبن تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري. هن چيو ته سسٽم ۾ ايترو پاڻي ئي موجود ناهي ته هنن ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان آندو ويندو؟ هن چيو ته سنڌ پنهنجي پاڻيءَ تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي ۽ پاڻيءَ تي مقابلو ڪنداسين ان لاءِ وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري.

هن چيو ته سنڌ کي خدشو آهي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال مسلسل وهائي سنڌ جو پاڻي کڻي چولستان ڪئنال ۾ وهايو ويندو. هن چيو ته هڪ طرف پاڻيءَ جي 1991ع واري معاهدي تي عمل نه ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف ڪوٽڙيءَ کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي به نه پيو ڇڏيو وڃي.

هن چيو ته ارسا پاران پاڻيءَ جي کوٽ بابت موجوده ايڊوائيزري جاري ڪرڻ کان پوءِ اِهو ثابت ٿي ويو آهي ته سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي ته پوءِ هنن تڪراري ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هنن تڪراري ڪئنال منصوبن جي خلاف ايڪنڪ، اين اِي سي ۽ سي سي آءِ سميت سڀني آئيني فورمن تي سنڌ جو ڪيس ڀرپور وڙهندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے