. ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ وڏا وڏا ترقياتي منصوبه جاري آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران افتتاح کان پوءِ شاهراهه ڀٽو جو پهريون مرحلو عوام لاءِ کوليو ويو آهي. يلو لائن بي آر ٽي تي به ڪم جاري آهي ۽ رات ڏينهن ڪم جو سلسلو هلي رهيو آهي. اميد آهي ته يلو لائن بي آر ٽي جي مختلف حصن تي ڪم مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي، سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير براءِ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي پاران بس ڊپوءَ تي به ڪم جاري آهي. سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين لاءِ هن سال ڊبل ڊيڪر بسون به آڻي رهي آهي. نوجوانن لاءِ اي وي ٽيڪسي سروس پڻ شروع ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جتان ماڻهن کي آسان قسطن تي ٽيڪسيون فراهم ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ وڏن پيماني تي رستن جي ڪم کي تيز رفتار سان جاري رکي رهي آهي. صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جيڪو ڪم ڪري رهي آهي، اهو پاڪستان جي ڪنهن به ٻي حصي ۾ نه ٿي رهيو آهي. ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ حب ڪئنال تي به تيزي سان ڪم جاري آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيئن پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد جي صحافين کي سنڌ حڪومت جي منصوبن جي دوري تي وٺي ويا، ساڳي طرح سنڌ جي صحافين کي به دورا ڪرائڻ جا ارادا آهن. سنڌ حڪومت جي سڀني کاتن ۾ تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي. توانائي جي شعبي ۾ سيد ناصر حسين شاهه بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعليٰ سنڌ واضح ڪيو آهي ته ڊي سيلينيشن پلان تي ڪم جاري آهي، جنهن تحت سامونڊي پاڻي کي صاف ڪري عوام تائين پهچايو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري سڀني وزيرن کي هدايت ڪئي آهي ته اليڪشن ۾ عوام سان ڪيل واعدن مطابق سڀني سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير چيو ته وزيراعليٰ سنڌ بزنس ڪميونٽي کي همٿايو آهي ته اهي اڳتي اچن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. سنڌ حڪومت مختلف ڪمپنين سان ڳالهيون ڪري رهي آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. آءِ ايم ايف جي شرط سبب في الحال وڌيڪ صنعتي زون نه ٺهي سگهندا. ملڪ ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ۽ ڪاروباري حضرات لاءِ ڌابيجا اسپيشل اڪنامڪ زون بهترين موقعو آهي، جتي چيني سيڙپڪارن به دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر کاتي لاءِ الڳ ترجمان هجي ته اها بهتر ڳالهه آهي. هي ڪا نئين روايت ناهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت واضح ڪري چڪي آهي ته درياءِ سنڌ تي اهڙي قسم جي ڪئنالن کي قبول نه ڪيو ويندو. عمران خان تي ڳالهائيندي هن چيو ته سندس خلاف ڪيس غلط نه آهن، هن گهڙي ورتي ۽ وڪڻي ڪوڙو بيان ڏنو. جڏهن کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته پوليس تي پيٽرول بم سان حملو ڪيو ويو. سرڪار واضح ڪيس به اڃا داخل نه ڪيا آهن. پيپلز پارٽي ڳالهين جي حق ۾ آهي پر اهو مطلب ناهي ته 9 مئي جهڙن ڏوهن کان ڇوٽڪارو ملي سگهي. حڪومت يا نواز ليگ اپوزيشن سان ڳالهائيندي ته ان کي ساراهيون ٿا.