فروری 4, 2025

ڪراچي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سانا طرفان پاڻي ڪانفرنس ڪئي وئي، ڪانفرنس کي مختلف سياسي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن ۽ ليکڪن خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ عوامي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي وفد جي شرڪت ڪئي. پاڻي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند وسند ٿري چيو ته ڇهه نون ڪئنالن جي تعمير آبي دهشتگردي آهي. سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن جي تعمير عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. پيپلز پارٽي سرڪار سنڌو درياهه وڪرو ڪري رهي آهي. وفاقي سرڪار پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ڇهه نوان ڪئنال ٺاهي رهي آهي آهي. وسند ٿري وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي پهچائڻ لاءِ سنڌ جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي.

ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش آهن.

وسند ٿري چيو ته ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ڪراچيءَ ۽ سکر ۾ ريلي سميت سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ زبردست عوامي سجاڳي مهم هلائي آهي. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان 18 جنوري تي اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ڪئي ويندي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته ڪالا باغ ڊيم جيان ڇهه نون ڪئنالن جي منصوبن خلاف به سنڌياڻي تحريڪ مثالي جدوجھد ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌوء تي ڪو به ڪئنال يا ڊيم برداشت نه ڪبو. عمره سمون وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي مڪر بند ڪري، سنڌ جو درياھ ۽ زمينون پيپلز پارٽي ڪرسي خاطر وڪڻي رھي آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے