ڪراچي
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سڄي قوم ۽ سڀني کي نئين سال جون مبارڪون ڏيان ٿو، اميد آهي ته هي سال سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين، پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي شھرين، اسان جي فلسطيني ڀائرن ۽ جنگين ۽ ظلم ۽ جبر جو شڪار سڀني ماڻھن ماڻھن لاءِ خوشيون آڻي. آئون سڀني کي گذارش ٿو ڪريان ته اھي نئون سال ذميواري سان ملھائن، ان ڳالھ
کي يقين بڻائن ته اهڙو ڪو بھ ڪم نه ڪن جنهن سان ٻين کي تڪليف پهچي. شهرين کي گهرجي ته اھي هوائي فائرنگ کان پاسو ڪن، ھوائي فائرنگ تي سنڌ سرڪر پابندي لاڳو ڪري رکي آهي، آئون اُنھن سڀني ماڻھن جي حوصلا افزائي ڪريان ٿو ته جيڪي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ ”سي نو ٽو ايريئل فائرنگ“ مهم جي حمايت ڪن ٿا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي خاتون اول ۽ اڳواڻ آصفه زرداري به پيغام جاري ڪيو آهي ته ماڻهو نئون سال ڀرپور نموني ملهائين پر هوائي فائرنگ کان پاسو ڪن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ريڊ لائين بي آر ٽي جي حوالي سان بيان اچي رھيا آهن، سنڌ سرڪار طرفان ريڊ لائين بي آر ٽي تي ڏينهن رات ڪم ھلي رھيو آهي،
دنيا جي ڪنهن بھ اداري کي اچي آڊٽ ڪرائي وڃي، سنڌ سرڪار
طرفان ان رٿا ۾ ڪا به دير نه پئي ڪئي وڃي ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي ۾ ڪجهه مسئلا آهن جن کي حل ڪيو پيو وڃي، نگران حڪومت جي 9 مهينن ۾ ريڊ لائن منصوبي تي هڪ به ڪم نه ٿيو، ان وقت جي ڪجهه آفيسرن ڪوتاھي جو مظاھرو ڪيو ھو.
هن چيو ته پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت جي خاتمي کان اڳ ڪابينا جو آخري اجلاس ٿيو، جنهن جي منٽس جي ڪجهه نااهل آفيسرن غلط تشريح ڪئي، ان کانپوءِ ٿيل بدلين سبب بھ ڪم وڌي ويو، 2024ع جي چونڊن کانپوءِ سنڌ ڪابينا جي پهرين اجلاس ۾ ايس اي ايس، پي اينڊ ڊي ڪابينا جي اجلاس ۾ چيو ويو ته ان منصوبي لاءِ ٻيهر ٽنيڊر جاري ڪيا وڃن. ان موقعي تي مون واضح ڪيو ته ٻيھر ٽينڊر ڪرڻ سان هڪ ٻيو سال ضايع ٿي ويندو، اسان هنگامي بنيادن تي سموريون ڪوششون ورتيون۽ منصوبي تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان منصوبي ۾ چئلينجز آهن، ان منصوبي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي آڊٽ ٿئي ٿي، ڪو به احتساب ٿئي ٿو، اسان ڪنهن به ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيون، سنڌ سرڪار ۽ ٽرانسپورٽ کاتي طرفان ڪنهن به قسم جي دير ناهي ڪئي وئي. سمورا موجود وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، يوٽيلٽيز جي منتقلي وڏو مسئلو آهي، سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ پولز جي منتقلي لاءِ رقم ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي،
ڪي فور پاڻي جي هڪ 96 انچ لائين بي آر ٽي جي مرڪز مان گذري ٿي، اسان اھو نھ ٿا ڪري سگھون تھ رڳو اسان جو منصوبو مڪمل ٿي وڃي ۽ بعد ۾ ڪي فور جي لائن لڳائڻ لاءِ ٻيھر کوٽائي شروع ڪئي وڃي، نمائش چورنگي ڀرسان شو روم مالڪن جو چوڻ آهي ته اوهان جي پروجيڪٽ سان اسان جي شو رومز جي خوبصورتي گهٽجي ويندي، اسان جو ڪاروبار تباهه ٿي ويندو، ڪاروباري ماڻهو منصوبي جي فنڊنگ ڪندڙ ورلڊ بئنڪ وٽ ويا پر انھن بھ انڪار ڪندي چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي، اهو ڪم هڪ فرد جي فرمائش تي شيون تبديل ڪري نھ ٿيون سگھجن،
ايئرپورٽ تي افسوسناڪ واقعي سبب سول ايوي ايشن وارا بھ ڪم
ڪرڻ جي اجازت نھ پيا ڏين، ھن معاملي تي جنھن به ٽي وي چينل، شخص يا سياسي پارٽي ڳالھائڻو آھي ھليو اچي، اسان جا دروازا کليل آھن، ھن ۾ ٽرانسپورٽ کاتي يا وري ٽرانس ڪراچي جي ڪابھ ڪوتاھي آھي تھ اسان تيار آھيون، ھن منصوبي تي ڏينھن رات ڪم ھلي رھيو آھي.
هن چيو ته ڄام صادق پل تي به ٽرانسپورٽ کاتي جو ڪم ھلي رھيو آهي، اھو منصوبو ڊسمبر 2025ع ۾ مڪمل ٿيڻو آهي، پر انشاالله اهو ڪم اسان مارچ يا اپريل 2025ع ۾ مڪمل ڪري وٺنداسين، سنڌ سرڪار پاران هدايتون جاري ڪيون آهن ته ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪيو وڃي. ھتي اسان کي يوٽيلٽيز جو مسئلو ناهي، اسان وقت کان اڳ ڪم مڪمل ڪري رهيا آهيون، اسان ڄاڻون ٿا ته عوام کي تڪليف آهي، چئلينجز آهن، پر اسان چئلينجن جي ڪري ڪم کي روڪي نٿا سگهون، ھي منصوبا پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار طرفان ڪراچي جي شهرين لاءِ سئو سالن واري منصوبي تحت ٿي رھيا آھن، ھڪ منظم بي آر ٽي سسٽم ھوندو، جنهن سان ايندڙ نسلن کي به فائدو پهچندو. جيڪڏهن ڪو پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ چاهي ٿو، آئون اُن کي روڪي نھ ٿو سگھان.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پنهنجي خطاب ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪو چيو اهو سڄي پاڪستان جو اهم مسئلو آهي، جيئن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ۽ ملڪ جو ٻچو ٻڇو ڄاڻي ٿو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي سان ملڪ جي دفاع مضبوط ڪيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان هڪ بھانو آهي، اسان جي ايٽمي صلاحيت اصل نشانو آهي، عمران خان نه رڳو استعمال ٿي رهيو آهي پر پاڪستان جي سلامتي کي به پنهنجي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، عمران خان جو مقصد ذاتي لاءِ چئلينجز، افراتفري، پولرائزيشن ۽ ورهاڱي لاءِ پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع تي سوديبازي ڪرڻ آهي.
هن چيو ته عمران خان لابيئسٽ ھائر ڪيا آھن تھ جيئن پاڪستان تي هر قسم جو دٻاءُ وڌوڌ وڃي، ملڪي سلامتي کي داءَ تي لڳايو وڃي ته جيئن عمران خان کي رليف ملي سگهي ، رليف جي چڪر ۾ عمران خان آءِ ايم ايف سان کيڏاڙ ڪيو، پاڪستان جا قرض بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته خدانخواستھ ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان جو اڃا وار بھ ونگو ناھي ٿيو، پيپلز پارٽي جي قيادت ڀٽو خاندان قرباني ڏني پر پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪڏهن به سوديبازي نھ ڪئي. صدر آصف علي زرداري 12 سال جيل ۾ رهيو، پر هن ڪڏهن به پاڪستان کي ڪو نقصان پھچڻ نھ ڏنو. شهيد بي بي جي شهادت جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وڏو قدم کڻندي”پاڪستان کپي“ جو نعرو ھنيو. هن ڪڏهن به پنهنجي وطن کي نقصان ۾ وڃڻ نھ ڏنو، عمران خان پاڪستان کي نقصان پهچائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي. عمران خان جي هڪ ٽيم حڪومت سان ڳالهيون ڪري رهي آهي ۽ ٻي ٽيم پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۽ پاڪستان تي عالمي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ڪنهن سياسي ڪارڪن يا اڳواڻ جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلي. پر جيڪڏهن ڪو فوجي تنصيبات تي حملو ڪندو ته ان جو ڪيس انھن جي ڪورٽ ۾ ويندو. وزيراعظم طور عمران خان فوجي عدالتن جي حمايت ڪري رهيو هو، اڄ فوجي عدالتون سندس لاءِ خراب آهن. اڄ به پاراچنار جي صورتحال جي ذميوار پاڪستان تحريڪ انصاف جي نااهل حڪومت آهي. هن ملڪ ۾ جيڪي به افسوسناڪ سانحا ٿيا آهن، سي سڀ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ٿي رهيا آهن. جڏهن اي پي ايس پشاور وارو سانحو ٿيو ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي.
بنون جيل ٽوڙيو ويو، دهشتگردن پنهنجن ساٿين کي آزاد ڪيو تڏهن به پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هئي. ڇا پي ٽي آءِ جو وڏو وزير پارا چنار ويو آهي؟ هو اسلام آباد تي حملي جي ڳالهه تھ ڪري ٿو پر پنهنجي صوبي ۾ روڊ کولرائي نھ ٿو سگھي، عمران خان جو ڪالهه به جيل مان بيان آيو ته هن پارا چنار بابت به ڪو بيان ڏنو آهي؟ ڇا هن پي ٽي آءِ قيادت کي چيو آهي ته وڃي مسئلو حل ڪري؟ جيڪڏهن توهان پنهنجي حڪومت ۾ اهڙا ڪم نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ تسليم ڪريو ته توهان پهريان ساڍا ٽي سال نااهل ترين هئا. ۽ اڄ تائين ڪي پي ۾ سالن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت سڀ کان وڌيڪ نااهل آهي. توهان ۾ ملڪ جي ڪنهن به شعبي کي ٺيڪ ڪرڻ جي صلاحيت ناهي. توهان پنهنجي ساڍن ٽن سالن جي دور ۾ ڪو هڪ به اهڙو ڪم نه ڪيو آهي جيڪو تاريخ ۾ لکيو وڃي. اوھان ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪيو، نوجوانن کي گمراهه ڪيو، سوشل ميڊيا تي بدتميزي جو طوفان برپا ڪيو، توهان پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي.نوجوان اکيون کولي ڏسن ته هن ملڪ سان ڪير ڇا ڪري رهيو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي ۾ چئلينجز هئا، ڪنهن به ريگستان ۾ ڪم ڪرڻ ۽ ڪراچي جهڙي مصروف شهر ۾ ڪم ڪرڻ ۾ فرق آهي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينيئر شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آئون اپوزيشن ليڊر ۽ ميئر ڪراچي کي اچڻ جي دعوت ڏيان ٿو. هر شهري کي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪرڻ جو حق آهي. اچو، آئون ھر هڪ ڳالھھ جي وضاحت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، شروع ۾ ريڊ لائين بي آر ٽي سبب عوام ڪجھھ مسئلن کي منھن ڏئي رھيو آھي پر بعد ۾ عوام کي اها سهولت ملندي.
هن چيو ته اي پي ايس سانحي وقت ڪي پي ڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هئي، اها پي ٽي آءِ جي نااهلي هئي جو دهشتگرد شھر ۾ گھڙي آيا ۽ شهر اندر دهشتگردي ڪيائون.
ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان جن لاءِ ايبسالوٽلي ناٽ ۽ اسان ڪو غلام آھيون چوندو ھو، اڄ عمران خان پاڻ ۽ پوري پي ٽي آءِ اُنھن جي پيرن ۾ ڪريل آھي، يھودي لابي بين الاقوامي طور تي مشن گولڊ اسمٿ جي سربراھي ڪري رھي آھي، اُن جي ڪوشش آھي تھ پاڪستان کي دٻاءُ م آڻي ڪم ڪرايو وڃي، پاڪستان کي نقصان پھچائڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي رھي آھي، پر پاڪستان ھڪ مضبوط ۽ خودمختيار ملڪ آھي، پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنھن بھ ملڪ کي دخل اندازي جو ڪوبھ حق ناھي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جيڪو بھ پارا چنار ۾ ٿيو اُن تي ھر پاڪستاني ڏُکارو آھي، جن دوستن ڌرڻا ڏنا آھن، اُنھن جو احتجاج رڪارڊ ٿي ويو آھي، منھنجي گذارش ھوندي تھ اُھي حڪومت کان مخصوص جاءِ وٺن ۽ ڀرپور احتجاج ڪن، پر ڪو اھڙو ڪم نھ ڪن جنھن سان ڪنھن معصوم کي تڪليف پھچي.
ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ وفاقي حڪومت سان اختلاف آھن، ڪئنالن جي معاملي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنھنجو واضح موقف ڏنو آھي، پيپلز پارٽي اڄ بھ وفاقي حڪومت کي ڊسٽرب ڪري سگھي ٿي، پر اسان چاھيون ٿا تھ اسان جي مسئلن جي بھ نشاندھي ٿئي، اسان ملڪ جي مضبوطي ۽ نفرتن جو خاتمو چاھيون ٿا، سمورن اسٽيڪ ھولڊرز کي ھن ملڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.