ڪراچي۔ سنڌ وفاقي حڪومت جي ادارن کان پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ 20 ارب روپين جون رهتون گهري ورتيون. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ کي 20 ارب روپين جون رهتون ڏيارڻ جو معاملو وفاقي حڪومت آڏو اٿاري ڇڏيو. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ جي وفاقي ادارن ڏانهن 20 ارب روپين جي رهتن جي ادائيگيءَ لاءِ لکت ۾ بلديات واري ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ واٽر بورڊ جي سي اِي او کي وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل ادارن کي خط لکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پي اي سيءَ پاڻيءَ جي چارجز جي مد ۾ سنڌ جي 20 ارب روپين جي رهتن جي ادائيگيءَ لاءِ وفاقي حڪومت جي مختلف ادارن جي لاڳاپيل اختيارين کي 21 جنوري تي سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ ۾ گهرائي ورتو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي چيئرمين نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ کي وفاقي حڪومت جي ادارن کان پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ 20 ارب روپين جي رهتن جي وصولي گهرجي. هن چيو ته واٽر بورڊ جون 2016ع کان پاڪستان اسٽيل مل، سوئي سدرن گئس ڪمپني، پي ايس او، ڪي پي ٽي، پاڪستان ريلوي، پي آءِ اي، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، پورٽ قاسم اٿارٽي، ميرين فشريز، ڪنٽونمينٽ بورڊز، ڪراچي شپ يارڊ، پاڪستان مشين ٽول فئڪٽري، ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن سميت ٻين وفاقي ادارن ڏانھن پاڻيءَ جي چارجز جي مد ۾ 20 ارب روپين جون رهتون آهن جيڪي سنڌ کي اِهي وفاقي ادارا ادا نه ڪري رھيا آھن. پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ صرف پاڪستان اسٽيل مل ڏانهن واٽر بورڊ جون 10 ارب روپين جون رهتون آهن. نثار کهڙو چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ کي 20 ارب روپين جي رهتن کان محروم رکي سنڌ صوبي سان زيادتي ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ وفاقي ادارن کي پاڻيءَ جي سهولت فراهم ڪئي آهي پر اِهي وفاقي ادارا سنڌ کي رهتون ادا نه ڪري رهيا آهن. ان لاءِ وزيراعظم کان مطالبو ٿا ڪيون ته وزيراعظم وفاقي حڪومت جي انھن ادارن پاران پاڻيءَ جي چارجز جي مد ۾ سنڌ جون 20 ارب روپين جون رهتون ادا نه ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ۽ هنن وفاقي ادارن کي پابند بڻايو وڃي ته سنڌ کي 20 ارب روپين جون رهتون ادا ڪيون وڃن. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو وڌيڪ چيو آهي ته وزيراعظم صاحب سنڌ کي اين ايف سي ۾ پورو حصو نه پيو ڏنو وڃي ته ٻئي طرف سنڌ کي وفاقي ادارا رهتون ادا نه ڪري رهيا آهن پر سنڌ پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پوئتي نه هٽندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي وفاق پاران اربين روپين جون رهتون ادا نه ڪري معاشي طور پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ان لاءِ وفاقي حڪومت پاڪستان ٺاهڻ واري صوبي سنڌ سان ناروا سلوڪ نه ڪري. نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ صوبو سڄي ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو ادا ڪندڙ صوبو آهي پر سنڌ کي اربين روپين جي رهتن جي ادائيگيءَ کان محروم رکڻ صوبي کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ جي مترادف عمل آهي. هن چيو ته وزيراعظم صاحب سنڌ کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ برابر عمل هوندو ان لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجي وفاقي ادارن کان سنڌ کي پاڻيءَ جي چارجز جي مد ۾ 20 ارب روپين جون رهتون ڏياري.