فروری 4, 2025

ٺٽو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪي بي فيڊر منصوبي تي سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن جي سهڪار سان تيزي سان ڪم ھلي رهيو آهي جنهن جو 40 سيڪڙو ڪم هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ منصوبي جي لائيننگ ۽ 510 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪرڻ آهي جيڪو ڪي فور واٽر سپلاءِ منصوبي جي پهرين مرحلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ايندڙ سال مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪي بي فيڊر ڪراچي کي روزانو 260 ملين گيلن اضافي پاڻي فراهم ڪندو

جنهن سان شهر جي پاڻي جي بحران ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي ايندي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن جهرڪ ڀرسان ڪي بي فيڊر منصوبي جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير جي پهچڻ تي زڪوات، عشر ۽ اوقاف واري وزير رياض شاهه شيرازي، ايم اين اي اياز شاهه شيرازي، آبپاشي سيڪريٽري ظريف کهيڙو ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي.

مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي شهر پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن لاءِ بنيادي وڏن منصوبن تي تيزي سان اڳڀرائي جاري آهي. هن ڪلري بگاڙ (KB) منصوبي تي اهم اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ چيو ته شهر جي پاڻي جي فراهمي کي وڌائڻ لاء هڪ اهم اقدام آهي. وڏي وزير چيو ته ڪي بي فيڊر پروجيڪٽ، سنڌ حڪومت ۽ آبي وسيلن واري وفاقي وزارت جي گڏيل منصوبي تي تيزي سان جاري آهي جيڪو 2025ع جي آخر تائين 40 سيڪڙو مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. هن وڌيڪ چيو ته منصوبي جو پهريون مرحلو ڪئنال کي لائيننگ ۽ ان جي بندن کي مضبوط ڪرڻ آهي جنهن ۾ 510 ڪيوسڪ پاڻي جي بچت ٿيندي ۽ ڪي فور واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ جي پهرين مرحلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

هن چيو ته ايندڙ سال مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪي بي فيڊر ڪراچي کي 260 ملين گيلن سرپلس پاڻي روزانو فراهم ڪندو جنهن سان شهر ۾ پاڻي جي بحران ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي ايندي. ۽ وڌيڪ چيو ته هي اضافو جاري ڪي فور پروجيڪٽ کي پورو ڪندو جنهن جو مقصد ڪينجهر ڍنڍ مان پاڻي جي فراهمي آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ ڪافي پاڻي فراهم ڪرڻ جي اميد آهي. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت حب ڪينال منصوبي ۾ 12.76 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد ڊسمبر 2025ع تائين سندس فراهمي جي گنجائش وڌائڻ آهي. ڪي فور توسيع واري منصوبي جي حصي جي اپ گريڊن ۾ ٽن نون ذخيرن جي تعمير ۽ پمپنگ اسٽيشنن ۾ بهتري ۽ شهر ۾ پاڻي جي موثر ورڇ کي يقيني بڻائڻ آهي. مراد علي شاهه پاڻي جي بنيادي اسٽرڪچر کان علاوه ملير ايڪسپريس وي جي تيزيءَ سان ترقي تي پڻ روشني وڌي جنهن جي 2025ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته اهو منصوبو ڪراچي ۽ ٻين علائقن جي وچ ۾ سفر جي وقت ۾ نمايان طور تي گهٽتائي آڻيندو ۽ نه رڳو پاڻي جي حفاظت پر مجموعي طور تي شهري انفراسٽرڪچر ۽ رابطن کي پڻ بهتر بڻائيندو. ڪي بي فيڊر لاءِ محدود وفاقي فنڊنگ جهڙن چيلينجن باوجود وڏي وزير سنڌ حڪومت جي پاڻي جي حقن جي تحفظ ۽ خاص منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. جاري احتجاجن کي مخاطب ڪندي وڏي وزير عوام کي يقين ڏياريو ته حڪومت عوام جي ضروري سهولتن جو خيال رکندي ۽ سندن مسئلن کي ڳالهين ذريعي يا انتظامي ڪارروائين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بي آر ٽي بس سروس کي سڄي سنڌ ۾ وڌائڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو . وڏي وزير چيو گڏيل ڪوششن سان ڪراچي شهر ۽ سنڌ صوبي کي وڌيڪ خوشحال ۽ پائيدار مستقبل لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جيڪي نئين سال ۾ هڪ نئين اميد پيدا ڪندا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے