حب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عالمي بئنڪ جي سهڪار سان 1.6 ارب ڊالرن جي پروگرام تحت ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي جي نظام کي بهتر ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ فيز 2 تحت آپريشنل اپ گريڊيشن ۽ توسيع شامل آهي. هن اها ڳالهه موجوده حب ڪينال جي بحالي ۽ نئين حب ڪينال جي تعمير جي ڪم جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ چئي. هن چيو ته سائيٽ تي پروجيڪٽ جو معائنو ڪرڻ آفيس مان ويهي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ کان بهتر آهي.
وڏي وزير دعويٰ ڪئي ته سنڌ جي ترقي جي رفتار ٻين صوبن توڙي وفاقي حڪومت کان بهتر آهي. هن چيو ته سنڌ ڄامشورو-سيوهڻ روڊ منصوبي لاءِ اڌ فنڊ ڏيڻ باوجود مڪمل ٿيڻ ۾ دير ٿي رهي آهي جڏهن ته سنڌ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻيندي ڪيترائي وڏا منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان 1.6 ارب ڊالرن جي پروگرام تحت ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پروگرام ۾ ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ فيز 2 تحت آپريشنل اپ گريڊ ۽ توسيع شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي بئنڪ انتظامي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جي شرط تي مالي مدد جي خاطري ڪرائي آهي. سنڌو درياءَ تي ڪينالن بابت خدشن جو اظهار ڪندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي پاڻي جي حقن تي ڪڏهن به خاموش نه رهي آهي. اسان ڇا ڪري سگهون ٿا جيڪڏهن ڪو اسان جي موقف کي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ٿو؟ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري پاڻي وسيلن بابت سنڌ جي حصي جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجو موقف واضح ڪري چڪا آهن.
پارا چنار بحران تي تبصرو ڪندي مراد علي شاهه ان کي انساني الميو قرار ڏنو جتي ماڻهو خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ جو شڪار آهن. هن چيو ته سندس حڪومت متاثرن کي دوائون ۽ امداد فراهم ڪري رهي آهي پر اصل مسئلو خيبرپختونخواهه جو آهي ان کي اتي ئي حل ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ جاري احتجاج بابت وڏي وزير چيو ته شروعات ۾ مظاهرين کي نمائش تي پرامن طور تي ويهڻ جي اجازت ڏني وئي جڏهن احتجاج وڌيو ته روڊ کي بلاڪ ڪيو ويو جنهن سبب عوام کي سخت تڪليف پهتي. هن چيو ته اسان جي سينيئر اڳواڻن جن ۾ سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ وقار مهدي شامل آهن، احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين زور ڏنو آهي ته ڌرڻو پرامن طريقي سان ختم ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته اڄ صبح انتظامي ڪاروائين سبب 12 هنڌن مان 8 احتجاجي هنڌن کي خالي ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا ويا جڏهن ته چئن هنڌن تي احتجاج جاري آهي. مراد علي شاهه اعتراف ڪيو ته انتظامي ڪارروائي سبب ڪجهه خلل پئجي سگهي ٿو پر يقين ڏياريو ته حڪومت احتجاج ڪندڙن کي نقصان پهچائڻ جو ڪو ارادو ناهي بلڪه ڳالهين ۽ صورتحال کي دوستانه طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رهنديون. وڏي وزير زور ڀريو ته سندس حڪومت پرامن احتجاج جي حق جي حمايت ڪري ٿي پر عوام کي تڪليف پهچائڻ ناقابل قبول آهي. هن احتجاج ڪندڙن سان ويهڻ ۽ مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي پر زور ڏنو ته عوام جون تڪليفون ختم ٿيڻ گهرجن. مراد علي شاهه عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي جهڙن اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن شهرين تي زور ڏنو ته هو صوبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جڏهن ته شهرين کي حڪومتي قدمن جي حوالي سان همٿايو وڃي.
خوشحال 2025 جي اميد جو اظهار ڪندي هن چيو ته سنڌ ترقي جو سفر جاري رکندي. صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب سنڌ حڪومت عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي ۽ صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهي آهي. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جي کوٽ آهي
جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پ پ قيادت جي رهنمائيءَ ۾
پرعزم آهي. حب ڪينال پروجيڪٽ: نئين حب ڪينال جي تعمير ۽ پراڻي حب ڪينال جي بحالي جي حوالي سان سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان شهر جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن ۽ صوبائي حڪومت انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي. معائني دوران ان سان گڏ مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو سي اي او سيد صلاح الدين، واٽر ڪارپوريشن جو سي او او انجنيئر اسدالله خان، حب ڪينال پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سڪندر زرداري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا . وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌ حڪومت نئين حب ڪينال جي تعمير ۽ پراڻي حب ڪينال جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ڪراچي کي فوري اضافي پاڻي فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪم تيزي سان جاري آهي
۽ اميد آهي ته ڊسمبر 2025 تائين مڪمل ٿي ويندو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته حب ڪينال منصوبي ۾ حب پمپنگ اسٽيشنن کي اپ گريڊ ڪرڻ، گنجائش 80 ايم جي ڊي مان وڌائي 100 ايم جي ڊي ڪرڻ ۽ پراڻي ڪينال جي بحالي شامل آهي. سنڌ حڪومت پاران 12.76 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. حب ڪئنال جي بحاليءَ جو مقصد پمپنگ اسٽيشنن کي اپڊيٽ ڪرڻ، گنجائش 80 ايم جي ڊي کان 100 ايم جي ڊي تائين وڌائڻ ۽ پراڻي اسٽرڪچر جي بحاليءَ آهي. نئين حب ڪئنال جي مڪمل ٿيڻ سان وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ڪراچي خاص ڪري اولهه ۽ ڪيماڙي ضلعن جي پاڻي جو مسئلو وڏي حد تائين حل ٿي ويندو. هن يقين ڏياريو ته صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.