لاڙڪاڻو شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان پنھنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي تہ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو طرفان شيخ زيد عورتاڻي اسپتال جي يونٽ نمبر 3 طرفان ھڪ روزہ فيسٽيولا ڪيمپ ۽ ورڪشاپ جو انعقاد ڪيو ويو ، ورڪشاپ ۽ ھڪ روزہ فيسٽيولا ڪيمپ ڊاڪٽر شير شاہ فيسٽيولا فائونڊيشن پاڪستان جي خصوصي تعاون بين الاقوامي شھرت جي حامل ڊاڪٽر شرڪت ڪئي ۽ ڪيمپ ۾ اٺن فيسٽيولا جي مرض ۾ مبتلا عورتن جو مفت آپريشن ڪيو ويو ۽ ٻي طرف اھي آپريشن لائيوو ورڪشاپ ۾ ڏيکاريا ويا ۽ ڊاڪٽرن سان گڏ پيراميڊڪ ۽ نرسز کي لائيوو سکيا ڏني وئي
ڪيمپ ۾ خصوصي طور آمريڪا جي ليزيانا يونيورسٽي جي جڳ مشھور سرجن پروفيسر ڊاڪٽر رالف چيسن ،آمريڪا جي مشھور يورو گائناڪالاجسٽ پروفيسر ڊاڪٽر عمبرين سليمي ، لاس اينجلس مان مڊوائيف مايانو اوچيز خصوصي شرڪت ڪئي ،
ھڪ روزہ فيسٽيولا ورڪشاپ ۾ صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ چيو تہ آبسٽيٽڪ فيسٽيولا جو وڏو سبب ننڍي عمر جي شادي ، خانداني منصوبہ بندي جي ڄاڻ نہ ھجڻ ۽ ڳوٺن ۾ موجود اڻ سکيل دائيون ھجن ٿيون، فيسٽيولا ھڪ قابل علاج بيماري آھي ۽ ان حوالي سان گھر گھر ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت آھي
ڪيمپ جي اھميت تي روشني وجهندي پروفيسر ڊاڪٽر رالف چيسن چيو تہ ھن قسم جي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ سان مريض عورتن جي زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ٿينديون ۽ ٻيھر ھڪ نارمل زندگي گذارڻ جي لائق بڻبيون ھن وڌيڪ چيو تہ ھن مرض ۾ مبتلا عورتن کي سارسنڀال ۽ توجهہ جي ضرورت ھوندي آھي ۽ ھي ھڪ قابل علاج مرض آھي،
پروفيسر ڊاڪٽر عنبرين سليمي پنھنجي خطاب ۾ چيو تہ ھن ھڪ نيڪ قسم جي اقدام ۾ شرڪت مون لاء ھڪ اعزاز آھي فيسٽيولا جو مرض بظاهر تہ جسماني مرض آھي پر ان سان متاثر عورت ذھني بيمارين جو شڪار پڻ ٿي ٿي ، اسان کي اھا ڳالھ عام ڪرڻي آھي تہ فيسٽيولا جي آپريشن کانپوءِ عورتون ھڪ دفعو ٻيھر باوقار زندگي گذاري سگهن ٿيون .
مايونا اوچيز چيو فيسٽيولا ھڪ مرض نہ پر انساني حقوق جو مسئلو آھي ۽ ھن قسم جا ڪيمپ ۽ سيمينار بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ بيحد ضروري آھن.
ورڪشاپ کي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر گلزار احمد شيخ ، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو ۽ ايم ايس ڊاڪٽر نياز احمد ڏھر پڻ خطاب ڪيو ۽ مقررين پنھنجي خطاب ۾ شيخ زيد عورتاڻي اسپتال جي يونٽ نمبر 3 جي سربراہ پروفيسر شبنم ناز ۽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر فوزيہ چانڊيو جي ڪوششن کي ساراهيو