دسمبر 26, 2024

ڪراچي/اسلام آباد/لاهور پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مهراڻ جي وادي جي امير ثقافتي ورثي، شاندار روايتن ۽ لازوال قدرن جي عڪاسي ڪندڙ سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي جون سنڌ جي عوام سميت سمورن پاڪستانين کي دلي واڌايون ڏنيون آهن. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان مطابق، پي پي پي چيئرمين چيو ته سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو سنڌ جي صديون پراڻي ورثي، هم آهنگي، رواداري ۽ ايڪتا جو مظهر آهي. هن چيو ته سنڌ صوفي بزرگن جي ڌرتي آهي، جيڪا سدائين امن، ڀائيچاري ۽ محبت جي روشني جو مينار رهي آهي، جنهن جي اتحاد ۽ ڀائيچاري جي پيغام نسلن کي متاثر ڪيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جي ثقافتي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي صرف سنڌ جي ثقافت جا نشان نه پر ان جي سڃاڻپ ۽ قدرن جا مظهر آهن، جيڪي احترام، وقار ۽ فخر جا نشانبر آهن. هن سنڌ جي ثقافت کي محفوظ رکڻ ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو، جيڪا پاڪستان جي متنوع ۽ رنگين ثقافتي ورثي جو هڪ لازمي حصو آهي. هن سنڌ جي ماڻهن تي زور ڀريو ته اهي هن ڏهاڙي کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ لعل شهباز قلندر جهڙن عظيم صوفي بزرگن جي تعليمات جي پوئيواري ڪرڻ جي عزم سان ملهائين، جن جو محبت، انسانيت ۽ امن جو پيغام سنڌ جي سڃاڻپ جو روح آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي جديد دور جي چئلينجن سان گڏ هم آهنگ ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے