ايڊووڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو
سکر
ڪارل مارڪس چيو هو ”مذهب ماڻهن لاءِ آفيم آهي“ ڇو ته مذهبي انتهاپسندي ۽ جنونيت ماڻهن مان انسانن سان پيار کان وڌيڪ گناهه ۽ ثواب کي ترجيح ڏئي ٿي ۽ اهائي سوچ ڌرتي ۽ ان تي رهندڙ ماڻهن جي زندگي کي سڌارڻ جي بدران جنت جي حاصلات ۽ دوزخ کان بچڻ جي ڪوشش ۾ هن سرزمين تي رهندڙ ماڻهن جو جيئڻ اجيرن ۽ مرڻ کي پڻ خوفناڪ بڻائي ٿي۔ اهڙي وهشت جي ماحول ۾ هڪ ماڻهو پنهنجي انسان دوست ۽ وطن پرست سوچ سان گڏ هڪ هڪ پٿريلي ۽ پوئتي پيل علائقي مان نڪري ٿو ۽ سڄي سنڌ جا ٿر ۽ بر وستيون ۽ واهڻ، شهر ۽ ڳوٺ، روڊ ۽ رستا، ڪچو ۽ پڪو پيرين پنڌ جهاڳي ٿو ۽ پاڻ جهڙن انسان دوست، وطن پرست، اڀرن سڀرن ۽ سچن سپوتن جو قافلو تيار ڪري ٿو جيڪو اڳتي هلي هڪ نظرياتي ۽ انقلابي تنظيم جي شڪل وٺي ٿو. هلندي هلندي سماج کان مختلف لطيف جي لفظن جي عڪاسي ڪندڙ هي اڀرا سڀرا، سچا سپوت هن مدي خارج سماج اندر هڪ نئون سماج اڏين ٿا جيڪو هن عام سماج جي ريتن ۽ روايتن کان مختلف,
اک الٽي ڌار ونئون ابتو عام سين
جي اصل شڪل آهي. سماج جي مروج سماجي روايتن کان ابتڙ هڪ نئون سماجي معاهدو متعارف ڪرائڻ ڪو عام ۽ معمولي ڪم نه آهي، اهي ايڏا مختلف ۽ معمولي ڪم ڪرڻ به بنهه مختلف ۽ غيرمعمولي ماڻهن جو ڪم آهي، عام ۽ رواجي ماڻهو مان خاص ۽ غيررواجي ماڻهو بڻجڻ جو پروسيس(process) ڪو هڪ ڏينهن جو يا آسان ڪم ناهي، پر هي پروسيس صدين ۽ نسلن تائين هلي ٿو۔
اها سنڌ ۾ رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ جي ئي ليگيسي(Legacy) آهي جيڪا مسلسل 50 سال کان وٺي نسل درنسل هن مدي خارج سماج ۾ غير روايتي ۽ غيرمعمولي ماڻهن جا نسل پيدا پئي ڪري جيڪي هن سماج جو gist آهن : اهڙن ئي ماڻهن لاءِ لطيف چيو هو
"هي جي آيا هيم، سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهن“
سماج کي بدلائڻ, برابري آڻڻ, رواداري پيدا ڪرڻ, هڪ نئون سماجي معاهدو متعارف ڪرائڻ اهو هڪ ڏينهن يا هڪ سال يا سطحي نعرن جو ڪم نه آهي ان لاءِ مستقل مزاجي ۽ گهربل سماجي سائنسي ڄاڻ کپي۔
جيڪا سماج ۾ نوان ۽ مختلف قدر پيدا ڪرڻ تبديلي آڻي ان کي جٽادار بڻائڻ جو ڪم سائنسي طريقي پرکي ۽ حل ڪري۔
سنڌي سماج هن وقت مختلف سماجي ٿريٽس(Threats) جي ور چڙهيل آهي جن ۾ ڌارين جي يلغار, وسيلن تي قبضا , جبري گمشدگيون, انتها پسندي ۽ دريا تي ڌاڙا شامل آهن۔ ان هوندي به سماجي سائنس جا شاگرد ۽ نظرياتي ۽ فڪري واٽ تي هلندڙ ڪارروان هلي ٿو ۽ رڃ جھڙي سماج ۾ مور جيان رڙيون ڪري ٿو۔اها سماجي ۽ فڪري سگھ جنهن نظرئي ۽ فڪر ڏني آهي اهو ڪا معمولي ڳالھ نه آهي نسل در نسل هڪ ئي واٽ تي ثابت قدم ٿي هلڻ بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري رهبر جي ڏسيل راھ تي سنئون سڌو اڌ صدي کان مٿي عرصو هلڻ ڪو معمولي ڪم نه آهي, لطيف سائين جي;
”وٺيو وڃج واٽ ڪنڌ م ڦيرج ڪڏهين!“
جي پيروي ڪندڙ عام رواجي ماڻهن ۽ قدرن کان بنھ مختلف انسان پيدا ٿيڻ ۽ سماجي واڌاري لاء ڏينهن رات جدوجھد جي ميدان ۾ رهڻ جيئڻ کي بامقصد ۽ ماڻهو باضمير بڻائي ٿو۔ ان لاء هڪ ماڻهو کي ڪيتريون ئي انفرادي ۽ اجتماعي قربانيون ڏيڻيون ٿيون پون جيڪي هڪ ماڻهو جو جيئڻ ته ڏکيو بڻائن ٿيون پر ايندڙ نسلن لاء تمام گھنيون ڪارائتيون ثابت ٿين ٿيون۔
سماجي ۽ معاشي طور سنڌ ڀلي ٻين صوبن کان پوئتي هجي پر سياسي طور سنڌ جي ٻين صوبن ۽ پاڪستان ۾ هڪ جدا حيثيت رکڻ ئي ان ڳالھ جي نشاندهي آهي ته سنڌ ۾ فڪري توڙي سياسي اٿل پٿل تمام تيز رهي آ ۽ نظرياتي ماڻهو پنهنجي ليگسي Legacy کي قائم رکندي نسل در نسل ان تي قائم رهن ٿا۔
ان اعلي دماغي صلاحيتن وارن ماڻهن گڏيل سماجي سرگرمي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ سماجي سرگرمي اڳتي هلي ”سماجي ۽ سياسي تنظيم“ جو روپ ورتو۔
انهن نظرياتي تنظيمن اڳتي هلي روء زمين جي انسانن ۾ برابري ۽ شعور پيدا ڪيو ۽ ان شعور انسان جي سوچن, جذبن, خيالن,احساسن ۽ تصورن تي وڏو اثر وڌو ۽ هي عام ماڻهن سان هلندي عام ماڻهن کان مختلف ٿي پيا۔
ان ڏس ۾ عوامي تحريڪ اڌ صدي کان مستقل مزاجي سان نئون سماج اڏڻ ,طبقاتي سوال حل ڪرڻ ۽ مستقل سماجي رواداري پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙي پئي، جيريمي بينٿم چيو آهي ته ” انسان جي خوبين ۾ سڀ کان ناياب مستقل مزاجي آهي“ مستقل مزاجي سان مسلسل هلندو رهڻ تمام وڏي سوڀ آهي. تازوئي ان ئي فڪري ۽ نظرياتي تنظيم جي مرڪزي اليڪشن ٿي گذري جنهن ۾ ايڊووڪيٽ وسند ٿري کي مرڪزي صدر چونڊي سماج ۾ مروج انتهاپسندي کي ننديو ويو ۽ سنڌي سماج جي اصل رواداري کي قائم رکندي هڪ نئون ۽ هر قسم جي انتهاپسندي کان آجو سماج اڏڻ جو وچن نئين سر ورجايو ويو اها نه صرف اسان جي قومي ۽ طبقاتي فتح آهي پر اها اسان جي سماجي قدرن مان اڻ برابري کي نندڻ ۽ رواداري کي سماجي سائنس سان ڳنڍي پيش ڪرڻ جي جرئت پڻ آهي.
هڪ انقلابي تنظيم ئي سماجي مسئلن کي صحيح نموني سمجهي ۽ حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ سنڌ ۾ انقلابي، نظرياتي، قومي ۽ فڪري روايتن کي اڳتي وڌائڻ ۾ هر اول دستي جيان رهي آهي.