صوبائي وزير مير طارق علي خان ٽالپر جي سينيئر شھرين لاءِ سينيئر سٽيزن ڪارڊ جلد جاري ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي: سماجي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير مير طارق علي خان ٽالپر نادرا جي وفد سان ملاقات دوران سينيئر شهرين لاءِ سينيئر سٽيزن ڪارڊ جلد جاري ڪرڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته سينيئر سٽيزن ڪارڊ سينيئر شهرين لاءِ صحت، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين اهم شعبن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جو اهم ذريعو ثابت ٿيندو.
صوبائي وزير وڌيڪ چيو تہ سينيئر شهري اسان جي سماج جو قيمتي اثاثو آهن، ۽ انهن جي خدمتن کي مڃيندي، انهن کي حڪومت طرفان وڌيڪ فائدا فراهم ڪيا ويندا. سينيئر سٽيزن ڪارڊ حڪومت جي فلاح ۽ بهبود واري پاليسي جو اهم حصو آهي، جنهن جو مقصد سينيئر شهرين جي زندگي کي آسان بڻائڻ آهي.
مير طارق علي خان ٽالپر زور ڏنو ته سينيئر شهرين کي عزت ۽ وقار سان زندگي گذارڻ لاءِ حڪومت جون ڪوششون جاري رهنديون، ۽ سينيئر سٽيزن ڪارڊ جي جاري ٿيڻ سان انهن جي روزمره جي ضرورتن ۾ واضع بهتري ايندي.
ان موقعي تي نادرا جي وفد يقين ڏياريو ته سينيئر شهرين لاءِ ڪارڊ جو اجرا جلد مڪمل ڪيو ويندو، ته جيئن اهي حڪومت طرفان فراهم ڪيل سهولتن مان جلد کان جلد فائدو حاصل ڪري سگھن.