دسمبر 25, 2024


حيدرآباد عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ ماهنور ملاح پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ کي پٿر جي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ مدامني جي باھ ٻري رهي آهي. ڪنهن به ماڻهو کي ڪوبه تحفظ ناهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته عمر ڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي پوليس هڪ رٿابندي تحت بي دردي سان قتل ڪيو آهي. پوليس پهرين ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي سڌيون گوليون هڻي ڪيو ۽ پوءِ لاش کي باھ ڏياري شاهديون مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قبر ڪشائي ڪري ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث ڊي آئي جي ميرپور خاص سميت سمورن قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شاهنواز جي وحشياڻا قتل تي ملڪ جي اعلي عدالتن کي خاموش ٽوڙڻ گهرجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل عدالتي جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے