دسمبر 25, 2024

ڪراچي

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان گفتگو
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ سرڪار ڪراچي شھر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن جو حل ڳولي ڪڍيو آھي، وڏن بس اڏن کي شھر کان ٻاھر منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ غير قانوني بس اڏا ختم ڪيا پيا وڃن، مسافرن کي شھر کان ٻاھر بس ٽرمينل تي پھچائڻ لاءِ مفت شٽل سروس شروع ڪئي وئي آھي، ڳري ٽريفڪ جي ڪري شھر ۾ ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿي رھيو ھو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پھرئين ڀيري ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي پريمئم نمبر پليٽون جاري ڪرڻ لاءِ نيلامي ٿي، پھرئين مرحلي ۾ سنڌ سرڪار کي 67 ڪروڙ رُپيا وصول ٿيا.
سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن، ۽ نارڪو ٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ پريمئم نمبر پليٽن ذريعي حاصل ٿيندڙ رقم چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت ٻوڏ متاثرن لاءِ دُنيا جي سڀني کان وڏي ھائوسنگ پروجيڪٽ لاءِ ڏني پئي وڃي، ٻئي مرحلي ۾ 12 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پريمئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ جي ھڪ تقريب ٿيڻ وڃي رھي آھي، مخير حضرات پريمئم نمبر پليٽس خريد ڪندا ۽ اُنھن مان حاصل ٿيندڙ رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ ڏني ويندي.
ھن چيو تھ سيپٽمر جي آخري ھفتي ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پھرئين ڀيري پريمئم نمبر پليٽس آن لائن جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، جنھن جو پورٽل ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پھرئين ڀيري ماڻھو گھر ويٺي آن لائن پريمئم نمبر پليٽس حاصل ڪري سگھندا، سوڪ سينٽر ۾ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي آفيس ۾ سڌارا ڪيا ويا آھن، اُنھن سڌارن جو مقصد عوامي اھنجن جو خاتمو آھي، اسان جي ڪوشش آھي تھ عوام کي گھر جي چانئٺ تي سھولتون فراھم ڪريون ۽ فائدو پھچايون.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ آئين ۾ ترميم ۽ قانونسازي ڪرڻ پارليامنيٽرينز جو ڪم آھي، اسان روزمرھ جي زندگي ۾ گھڻيون شيون تبديل ڪندا آھيون، اھڙي ريت آئين ۾ ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آھي، پيپلز پارٽي ھڪ جمھوري پارٽي آھي، پيپلز پارٽي آئين جي تخليقڪار آھي، شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي زندگي ۾ جڏھن مسلم ليگ ن ۽ ٻين پارٽين سان ميثاق جمھوريت تي صحيحون ڪيون ھُيون، اُن ۾ بھ عدالتي سڌارن جي ڳالھھ بھ ڪئي وئي ھُئي. نمبرز پورا نھ ھجڻ ڪري اُن وقت اھي شيون نھ ٿي سگھيون.
ھن چيو تھ اڄ بھ پيپلز پارٽي ۽ ٻيون پارٽيون چاھين ٿيون تھ جيڪي بھ آئيني ترميمون ڪرڻيون آھن اُھي سمورين پارٽين جي اتفاق راءِ سان ڪرڻيون آھن، 18ھين ترميم جڏھن پاس ڪئي وئي ھُئي، اُن وقت بھ سمورين سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويو ھو، 73 جي آئين لاءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، 18ھين ترميم لاءِ صدر آصف علي زرداري اتفاق راءِ پيدا ڪيو ھو، ھن وقت بھ پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ سموريون پارٽيون چاھين ٿيون تھ جيڪي بھ ترميمون ٿين اُھي اتفاق راءِ سان ٿين.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان جي ساڍن ٽن سالن واري اقتداري دور ۾ سينيٽ توڙي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ کي اڪثريت حاصل نھ ھُئي، ميمبر پورا نھ ھجڻ باوجود پي ٽي آءِ جا بل پاس ٿي ويندا ھُئا، اسپيڪر کي آئز ۽ نوز چوڻ ھو اختيار بھ نھ ھو، گھٽ نمبر ھجڻ باوجود پي ٽي آءِ وارن غير قانوني ڪم ڪيا، اسد قيصر ان وقت اسپيڪر ھو، پي ٽي آءِ پنھنجي دور ۾ بدمعاشي سان قانون پاس ڪرايا، عمران خان جي حڪومتي دور ۾ بندوق جي زور تي حڪومت ھلائي وئي، عمران خان جي دور ۾ نمبر پورا نھ ھجڻ باوجود قانونسازي ڪئي وئي، سينيٽ ۾سيٽون ڏنيون ويون، 7 ووٽن سان يوسف رضا گيلاني کي ھارايو ويو، پي ٽي آءِ ڪيترائي غير آئيني ڪم ڪيا.
ھن چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي جمھوري پارٽي آھي ۽ عدليھ جو احترام ڪري ٿي، جيڪڏھن پيپلز پارٽي عدالتي سڌارا چاھي ٿي تھ ان ۾ ڪابھ برائي ناھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پي ٽي آءِ وارا سوشل ميڊيا جا دھشتگرد آھن،جيڪڏھن ھي پيپلز پارٽي جي خلاف سوشل ميڊيا تي مھم ھلائن ٿا تھ پوءِ اسان بھ ايئن ڪري سگھون ٿا، پر اسان جي پارٽي اجازت نھ ٿي ڏئي تھ اسان بھ ڪنھن بري سان گڏ برا بڻجي وڃون، عمران خان پھرين ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، بعد ۾ عدليھ کي دٻاءُ ۾ آڻڻ ڪوشش ڪئي، بي اعتمادي جي تحريڪ دوران عمران خان پنھنجن ئي ايم اين ايز کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ وارن مخالف ايم اين ايز جي گھرن تي حملا ڪيا، جن ججز بابت کين لڳي پيو تھ اُھي سندن خلاف فيصلا ڏيندا تھ اُنھن خلاف سوشل ميڊيا تي مھم ھلائي وئي.
ھن چيو تھ آئيني ترميم کان ھڪ ڏينھن اڳ آرمي چيف ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف ڪريل قسم جا ٽويٽس ڪيا ويا، عمران خان جي پنھنجي اڪائونٽ تان مھم ھلائي وئي، اسان وٽ اڪثريت ھوندي تھ اسان ترميم ڪنداسين ۽ اسان اُھي آئيني ترميمون عوام لاءِ ڪرڻ چاھيون ٿا تھ جيئن ڪنھن کي بھ ويھھ، پنجويھھ ورھيھ سالن تائين انصاف لاءِ عدالتن جا ڌڪا کائڻا نھ پون.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پي ٽي آءِ اين آر او گھري رھي آھي ۽ حڪومت سان ڊيل ڪرڻ چاھي ٿي، پي ٽي آءِ بندوق ۽ بدمعاشي جي زور تي مطالبا مڃڻ جو چئي رھي آھي تھ نھ مڃينداسين، ھنن 9 مئي ۽ ڊجيٽل دھشتگردي ناھي ڪئي تھ پوءِ ڪيسن کي منھن ڏين، جيڪڏھن عمران خان ڪنھن بھ شئي ۾ ملوث نھ ھوندو تھ آزاد ٿي ويندو، ملڪ ۾ سڀني کي سياست ڪرڻ جو اختيار آھي، اسان چاھيون ٿا تھ عمران خان جيڪي غلطيون ڪيون آھن عمران خان قوم کان اُنھن جي معافي وٺي، عوام جي سامھون ٻڌائي تھ مون ھي ڪريل ڏوھھ ڪيا آھن، پوءِ جيڪڏھن حڪومت معاف ڪري ٿي تھ اھو پي ايم ايل اين حڪومت جي صوابديد تي آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے