نومبر 21, 2024

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر پاران باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش

ڪراچي
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 76 هين ورسي جي موقعي تي کين خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد
علي جناح جي پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ جلد ئي وفات ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ وڏو نقصان هئي.
هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جو پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام سان گهرو تعلق هو، جنهن پنهنجي ملڪيت جو ٽيون حصو سنڌ مدرسي کي ڏيڻ جي وصيت ڪئي هئي ۽ 1943ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جي ڪاليج جو افتتاح پڻ ڪيو هو. ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته اسان کي ملڪي ترقيءَ جي لاءِ باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي نظريي، ڀائيچاري، ايمانداري ۽ ملڪ ۽ قوم سان وابستگي واري ورثي تي عمل ڪرڻو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے