حيدرآباد ارسا ايڪٽ ترميم متعلق سنڌ اسيمبليءَ جي قراداد کي پيپلز پارٽي جو ڊامو قرار ڏيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، حورالنساء پليجو، عبدالقادر رانٽو ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڊجيٽل آدمشماري جيان ارسا ايڪٽ ترميم واري معاملي تي به سنڌي عوام سان فراڊ ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جي فراڊي قرارداد سنڌي عوام جي جدوجھد کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش آهي. پيپلز پارٽي پهريان ڊجيٽل آدمشماري خلاف به قرارداد سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي پوءِ ڊجيٽل آدمشماري جا جعلي انگ اکر تسليم ڪيا. پيپلز پارٽي سرڪار ارسا ايڪٽ خلاف به جعلي قرارداد پيش ڪئي آهي. جڏهن ته قرارداد ۾ صدر زرداري جي صدارت ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو جي گذريل سال آگسٽ ۾ ٿيل اجلاس جي مذمت ناهي ڪئي وئي. هن اجلاس ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ان سان گڏ 6 نوان ڪينال ٺاهي هارين ۽ آبادگارن جو سمورو پاڻي بند ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ سميت سمورين مظلوم قومن جي جن زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن، تن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي پر سنڌ اسيمبليءَ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ٿيندڙ قبضن خلاف اکر به نه ڳالهايو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هن قرارداد ۾ نون ڊيمن ۽ ڪينالن جي خلاف اکر به شامل ناهي ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري ۾ ايس آءِ ايف سي سرڪار شاهه جيوڻا ڊيم، چنيوٽ ڊيم، مڊ رانجها ڊيم، بهاول نگر بئراج، حاصل پور بئراج، حاصل پور لنڪ ڪئنال، فيڊر ڪئنال سميت ٽي نوان ڊيم، ٻه بئراج، ٻه فيڊر ڪينال ۽ هڪ لنڪ ڪئنال ٺاهي فوج سان لاڳاپيل ڪمپني گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ کي 60 لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪرڻ لاءِ فراهم ڪندي. جڏهن ساڳي ڪمپني کي وڌيڪ 20 لک ايڪڙ پنجر زمين آباد ڪرڻ لاءِ سمالر چولستان رٿا تحت فتح واهه، مراد واهه، هاڪڙا واهه ۽ هيرڻ واهه سميت ڪيترا ئي نوان لنڪ ڪڍيا ويندا. سليمانڪي هئڊورڪس وٽان هڪ فيڊر واهه پڻ ڪڍي ڏنو ويندو. ان سان گڏ ٿر ڪينال، چولستان ڪينال، گريٽر ٿل ڪينال، چشما رائيٽ بينڪ ڪينال، ڪڇي ڪينال ۽ ريڻي ڪينال ڪڍي ڪارپوريٽ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو ته نون ڊيمن، ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف سنڌي عوام جي هلندڙ جدوجهد جاري رهندي. سنڌو درياءَ ۽ زمينن جو تحفظ يقيني بڻائڻ تائين مسلسل جدوجهد جي ضرورت آهي.