دسمبر 2, 2024

ڪراچي سنڌ اسيمبليءَ ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم کي رد ڪندي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ پاڻي جي 1991ع معاهدي تي عمل نه ٿيڻ جي خلاف قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي آهي ۽ وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ ڪا به ترميم نه ڪئي وڃي ۽ پاڻي جي 1991ع معاهدي تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو وڃي. سومر ڏينهن اهڙي قرارداد پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پيش ڪئي جنهن کي ايوان بحث ڪرڻ کان پوءِ متفقه طور تي منظور ڪري ورتو. قرارداد جي منظوري جي موقعي تي ايوان جا ميمبر پنهنجن سيٽن تان اٿي بيهي قرارداد کي منظور ڪيو. قرارداد تي خطاب ڪندي نثار کهڙو چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌ جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو اثر پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي پوندو. پاڻي صوبائي سبجيڪٽ آهي ان لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ صوبي جي رضامندي جي بنا ترميم نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته ارسا چيئرمين ڪو حاضر سروس يا رٽائرڊ بيورو ڪريٽ بڻجي نه ٿو سگهجي پر روٽيشن جي بنياد تي صوبن مان ارسا ميمبرن مان بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته سنڌ جو مطالبو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ڪا به ترميم نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ارسا جو ڪم پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي عمل ڪرائي صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ آهي ۽ وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وارو قدم کڻي پاڪستان جي فيڊريشن کي ٽوڙڻ وارو ڪم نه ڪري. هن چيو ته مشاورت کان پوءِ پاڻي جو 1991ع وارو معاهدو ٿيو هو جنهن تي وڏن وزيرن جون صحيحون پڻ موجود آهن ۽ ان وقت به ان پاڻي معاهدي ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نه ڇڏڻ بابت اعتراض هيو ۽ صوبن کي پنهنجي حصي جي پاڻيءَ کي جمع ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏنل هئي جنهن تي پڻ اعتراض هيو. هن چيو ته پاڻيءَ جي 1991ع واري معاهدي جي باوجود سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه پيو ملي ۽ سنڌ جون زمينون غيرآباد آهن ۽ ڪيترن علائقن ۾ ته روٽيشن جي بنياد تي پاڻي ڏنو پيو وڃي جڏهن ته پاڻيءَ تي سڀ کان پهريون حق پڇڙي واري صوبي جو هوندو آهي ۽ سنڌ پڇڙي وارو صوبو آهي پر پاڻيءَ جي ورهاست ۾ سنڌ سان راند کيڏي پئي وڃي. هن چيو ته ارسا طرفان پاڻيءَ جي ورهاست پيرا 2 تحت نه ڪئي پئي وڃي ۽ ارسا پاڻيءَ جي ورهاست ڪڏهن تاريخي فارمولي ته ڪڏهن ٽي رخي فارمولي تي ڪري رهيو آهي جنهن تي پڻ سنڌ کي اعتراض آهي ان لاءِ سنڌ جو مطالبو آهي ته پاڻيءَ جي ورهاست پيرا 2 تحت ڪئي وڃي. هن چيو ته اسيمبليءَ ۾ قرارداد پيش ڪري سنڌ جو پٽ هجڻ جو حق ادا ڪيو آهي ته جيئن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جي صورت ۾ کوٽ سڀني صوبن ۾ برابر ورھائي وڃي صرف سنڌ جي حصي مان پاڻيءَ جي ڪٽوتي سنڌ سان زيادتي آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ سميت 3 اسيمبلين ڪالاباغ ڊيم خلاف قراردادون منظور ڪيون ۽ ڊيم ٺاهڻ لاءِ اڪثر اِهو الزام لڳايو ويندو هو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻيءَ سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي پر حقيقت ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ گهرجي جيڪو ڪڏهن به سنڌ لاءِ نه ڇڏيو ويو آهي جنهن ڪري ٺٽي ۽ بدين سميت سنڌ جي ساحلي پٽيءَ جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو قبول ناهي ان لاءِ ارسا پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي عمل ڪري پاڻيءَ جي شفاف ورهاست يقيني بڻائي ۽ وفاقي حڪومت ارسا جي ايڪٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم نه ڪري.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے