ڪراچي
اسلامي جمهوريه ايران جي مجلسِ شوراءِ اسلاميءَ جي اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف جي ڪراچي آمد تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاران ڀليڪار
اسپيڪر صوبائي اسيمبلي سنڌ سيد اويس قادر شاهه، اسلامي جمهوريه ايران جي مجلسِ شوراءِ اسلاميءَ جي اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي استقبال ڪيو۔ سيد اويس قادر شاهه، ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف کي ڀليڪار ڪندي گلن جو گلدستو پيش ڪيو۔ ان موقعي تي ايران جي ڪائونسل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده به موجود هو۔
ڪراچي ۾ قيام دوران، اسلامي جمهوريه ايران جو پارلياماني وفد قائدِاعظم محمد علي جناحؒ جي مزار تي حاضري ڏني۔
اسلامي جمهوريه ايران جي اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف چيو ته هو دل جي گهراين سان اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه جا شڪريو ادا ڪن ٿا، جن اسان کي محبت، عزت سان ڀليڪار ڪيو۔
اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان گڏ صوبائي وزير مير طارق ٽالپر، قاسم سومرو ۽ محمد آصف موسيٰ پڻ موجود هئا، جن مهمانن جو استقبال ڪيو۔ ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف اسلام آباد ۾ سرڪاري ملاقاتن کان پوءِ ڪراچي پهتا۔
اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته مون لاءِ اهو اعزاز آهي ته مان اسلامي جمهوريه ايران جي مجلسِ شوراءِ اسلاميءَ جي اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف ۽ ايران جي پارليامينٽ جي ٻين ميمبرن جو ڪراچي ۾ استقبال ڪري رهيو آهيان۔ سنڌ ۽ ايران جي عوام جي وچ ۾ صديون پراڻا مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا موجود آهن۔
اسپيڪر سان گڏ صوبائي اسيمبلي جو سيڪريٽري جي. ايم عمر فاروق ۽ ڊائريڪٽر جنرل عرفان احمد ميمڻ پڻ موجود هئا، جڏهن ته ايران جي پارلياماني وفد ۾ ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف سان گڏ فداحسين ماليڪي ، محمد نور دهاني ، رحمدل باميري ، مهرداد گودرزوند چگيني، فضل الله رنجبر، ابوالفضل عمويي، واحد جلال زاده، محمد سعيد احديدان، مهدي محمدي ۽ مهدي مسڪيني سميت ٻيا ميمبر ۽ عهديدار شامل هئا۔
