سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پاران ٿيندڙ ٽئين گلوبل ريسرچ ڪانگريس ۽ ڇهن بين الاقوامي ڪانفرنسن جي انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي
ڪراچي:
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي 17-18 ڊسمبر 2025 تي ٻن ڏينهن واري ٽئين گلوبل ريسرچ ڪانگريس (جي آر سي) ۽ ڇهه بين الاقوامي ڪانفرنسون منعقد ڪري رهي آهي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي صدارت ۾ ان ڪانگريس ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اربع ڏينهن يونيورسٽي جي ڪانفرنس روم ۾ هڪ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ جي آر سي جي انتظامن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو ۽ ڪجهه اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بين الاقوامي ۽ ملڪي اسڪالرن کان مليل 200 تحقيقي مقالن جي ائيبسٽريڪٽس مان 180 ائيبسٽريڪٽ قبول ڪيا ويا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 09 قومي ۽ بين الاقوامي اهم مقرر ڪانگريس ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه افتتاحي ۽ اختتامي سيشنس کانسواءِ ڪانگريس ۽ ڪانفرنسن جي ٻن ڏينهن دوران 10 ٽيڪنيڪل سيشن ۽ 6 پينل ڊسڪشن سيشن ٿيندا. سڀ کان اهم پينل ڊِسڪشن ڇهن وائيس چانسلرن جو هوندو، جيڪي اعليٰ تعليم ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن کي پنهنجا ويچار پيش ڪندا.
16 ڊسمبر تي هڪ تربيتي سيشن پڻ منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ هڪ ايراني اسڪالر شرڪت ڪندو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي هڪ تمام اهم، ٻن ڏينهن واري گلوبل ريسرچ ڪانگريس ۽ ڇهه بين الاقوامي ڪانفرنسون منعقد ڪري رهي آهي. هن چيو ته هيءَ گلوبل ريسرچ ڪانگريس اعليٰ تعليم جي ڪيترن ئي پهلوئن کي اجاگر ڪندي، خاص طور تي تحقيق ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾. ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته ان کان اڳ ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي 2023 ۽ 2024 ۾ ترتيب وار ٻه ڪامياب گلوبل ريسرچ ڪانگريسون ۽ 11 بين الاقوامي ڪانفرنسون منعقد ڪري چڪي آهي. ساڳئي طرح، هيءَ ٽئين گلوبل ريسرچ ڪانگريس ۽ ڇهه بين الاقوامي ڪانفرنسون پڻ ڪاميابي سان منعقد ڪيون وينديون، جن ۾ نامور بين الاقوامي ۽ ملڪي اسڪالر شرڪت ڪري رهيا آهن.
ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ لاڳاپيل آفيسرن جي طرفان ڪانگريس ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن جي هينئر تائينڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي منتظمين کي چيو ته ڪانگريس ۽ ڪانفرنسن دوران وڌ کان وڌ شاگردن کي رضاڪار طور شامل ڪيو وڃي ته جيئن اهي هن اهم تقريب مان ڪجهه سکي سگهن.
اجلاس ۾ جي آر سي جي ڪنوينر ڊاڪٽر جمشيد عادل هالليپوٽو ۽ آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن سان گڏ مختلف انتظامي شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي.
