ڪراچي::سنڌ جي قديم روايتي راند ملاکڙو سنڌ حڪومت جي توجه جو مرڪز بڻجي ويوآهي. سنڌ جي راندين واري کاتي پاران ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ ٻن ڏينهن واري آل سنڌ ملاکڙو ايونٽ جو باقاعده افتتاح ڪيو ويو آهي. ايونٽ ۾ سنڌ جي 30 ضلعن مان 100 کان وڌيڪ ملھ پھلوان حصو وٺي رهيا آهن.افتتاحي تقريب ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ تاج محمد وساڻ، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسرن اسماعيل شاهه، سني پرويز، محمد عثمان، شڪيل احمد ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ سنڌ جا مشهور ملھ پھلوان، جن ۾ قربان هوٿيپوٽو، مبارڪ ملاح، جان محمد لنڊ ۽ منٺار بگٽي شامل آهن، پنهنجي طاقت ۽ ٽيڪنڪ جا جوهر ڏيکاريندي مخالفن کي ھارائيندي نظر آيا. بدين مان پھلوان منظور ڀٽي ۽ معشوق گوپانگ جڏهن ته ڪراچي مان بجلي خاصخيلي پڻ هن مقابلي ۾ شامل آهن.
ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر ايسٽ سيد اسماعيل شاهه چيو ته آل سنڌ ملاکڙو مقابلي 2025 ۾ صوبي جي هر ضلعي مان ٽي، ٽي پھلوان حصو وٺي رهيا آهن، سنڌ حڪومت ڳوٺاڻي روايتي راندين جي مڪمل سرپرستي ڪري رهي آهي، ۽ هن ايونٽ جو مقصد نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافت ۽ روايتن سان جوڙڻ آهي.
