سنڌ لائيو اسٽاڪ اينڊ اڪواڪلچر ڊولپمينٽ پروجيڪٽ تحت 65 موبائل ايمبولينس خريد ڪرڻ جو فيصلو
محمد علي ملڪاڻي پاران ملڪي ڪمپني ٺاھيل موبائل ايمبولينس جو جائزو
سنڌ جي مالوند ڀاڳين کي گھر جي در تي جانورن جي علاج جي سهولت مهيا ڪئي ويندي، محمد علي ملڪاڻي
ڪراچي سنڌ جي مالوند ڀاڳين کي سندن گهر جي در تي پنھنجي جانورن جي مختلف بيمارين کان بچاءَ لاءِ، عالمي بئنڪ جي تعاون سان لائيو اسٽاڪ کاتي اندر شروع ٿيل "سنڌ لائيو اسٽاڪ اينڊ اڪواڪلچر ڊولپمينٽ پروجيڪٽ” طرفان اسان 65 موبائل ايمبولينس خريد ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي پنهنجي آفيس ٻاهران هڪ ملڪي ڪمپني پاران تيار ڪيل موبائل ايمبولينس جو هڪ نمونو چيڪ ڪندي ڪيو ۽ موبائل ايمبولينس اندر جانورن جي صحت لاءِ لڳل سامان جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي به موجود هو. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته اسان "سنڌ لائيو اسٽاڪ اينڊ اڪواڪلچر ڊولپمينٽ پروجيڪٽ” پاران اهي 65 موبائل ايمبولينس لائيو اسٽاڪ جي ٽن ونگن، جن ۾ لائيو اسٽاڪ اينمل هزبيڊري، لائيو اسٽاڪ اينمل بريڊنگ ۽ سينٽرل ويٽرنري اينڊ ڊائگنوسٽڪ ليبارٽري ٽنڊو ڄام لاءِ، ۽ چوٿون فشريز ونگ لاءِ، کليل ٽينڊر سسٽم تحت خريد ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته اسان سنڌ جي غريب مالوند ڀاڳين جي جانورن کي ترت ۽ سندن گهر جي در تي علاج معالجي جي سهولت ڏيڻ چاهيون ٿا، جنهن تحت هڪ ئي وقت بيماري جي قسم جي جاچ ۽ علاج جو ترت بندوبست شامل آهي. هن چيو ته هي پروجيڪٽ سنڌ جي ڀاڳين جي مدد لاءِ وڏو اهم آهي، جنهن لاءِ اسان ڏينهن رات پاڻ پتوڙي رهيا آهيون۔
