حیدرآباد/ ميرواهه گورچاڻي/ بدين_ڪڙيو گھنور. سنڌياڻي تحريڪ طرفان 16 نومبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ “سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ” جون تياريون تيزي سان جاري، جنهن لاءِ سموري سنڌ ۾ سجاڳي مهم هلائي پئي وڃي ۽ مختلف ڳوٺن، شهرن ۽ تعلقن جا دورا شروع ٿي چڪا آهن۔ ان سلسلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، آمنہ ڪيڙانو ۽ شمائلا جروار ميرواهه، ڪوٽ غلام محمد، ڳوٺ بچل خاصخيلي ۽ ٻين ڳوٺن جا دورا ڪيا جڏهن ته سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سڀاني ڏاهري، پرڀات هاليپوٽو ۽ زرقا فاضل ڪڙيو گهنور، محمد ماڇي، سهراب نظاماڻي، سهراب نظاماڻي، موسي رند ۽ گولاڙچي ۽ ٻين ڳوٺن جا دورا ڪري عورتن کي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته عورتن، هارين، مزدورن، شاگردياڻين ۽ سياسي شعور رکندڙ ماڻهن ۾ تيزي سان شعور پيدا ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي زمين، پاڻي، وسيلن ۽ وحدت خلاف جاري سازشن کي روڪڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ضروري آهي۔
سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن هارين، مزدورن، عورتن، شاگردياڻين، استادن ۽ سول سوسائٽي کي اپيل ڪئي آهي ته هو وڏي تعداد ۾ 16 نومبر تي حيدرآباد سٽي گيٽ کان پريس ڪلب تائين ٿيندڙ “سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ” ۾ شرڪت ڪن.
